ايسر سنگهه بيدي
ايسر سنگهه بيدي: انگريزن خلاف آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن ۽ ليکڪ ايسر سنگهه بيديءَ جو تعلق شھدادپور، ضلعي سانگهڙ جي هڪ زميندار خاندان سان هو. سندس جنم 23 آڪٽوبر 1927ع تي، اتم سنگهه جي گهر شھدادپور ۾ ٿيو. مشھور انقلابي اڳواڻ ديال سنگهه بيدي سندس وڏو ڀاءُ ۽ سياسي استاد هو. انٽر تائين سنڌ ۾ تعليم حاصل ڪئي. انقلابي خيالن سبب ٻئي ڀائر ’نوجوان منڊلي‘ جي پليٽ فارم تان، انگريزن خلاف پمفليٽ ۽ ٻيو مواد ورهائيندي گرفتار ٿيا ۽ ڪورٽ مارشل ٿيڻ کان پوءِ 12/12 ڦٽڪن جي سزا برداشت ڪئي. پڙهڻ دوران سياست ۾ حصو وٺڻ تي ڪجهه وقت لاءِ رسٽڪيٽ پڻ ٿيا. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي اجمير ۾ رهيو. ٻاراڻي ادب بابت سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. 38 سالن تائين ويسٽرن ريلوي جي ملازمت ۾ رهيو. 07 جولائي 2020ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.
1927.10.23 عيسوي
ايسر سنگهه بيديءَ جو تعلق شھدادپور، ضلعي سانگهڙ جي هڪ زميندار خاندان سان هو. سندس جنم 23 آڪٽوبر 1927ع تي، اتم سنگهه جي گهر شھدادپور ۾ ٿيو.
2020.07.07 عيسوي
ايسر سنگهه بيديءَ 07 جولائي 2020ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.