ايسر سنگهه بيدي

ايسر سنگهه بيدي

ايسر سنگهہ بيدي

ايسر سنگهہ بيدي: انگريزن خلاف آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن ۽ ليکڪ ايسر سنگهہ بيديءَ جو تعلق شھدادپور، ضلعي ‏سانگهڙ جي هڪ زميندار خاندان سان هو. سندس جنم 23 آڪٽوبر 1927ع تي، اتم سنگهہ جي گهر شھدادپور ۾ ٿيو. مشھور ‏انقلابي اڳواڻ ديال سنگهہ بيدي سندس وڏو ڀاءُ ۽ سياسي استاد هو. انٽر تائين سنڌ ۾ تعليم حاصل ڪئي. انقلابي خيالن سبب ‏ٻئي ڀائر ’نوجوان منڊلي‘ جي پليٽ فارم تان، انگريزن خلاف پمفليٽ ۽ ٻيو مواد ورهائيندي گرفتار ٿيا ۽ ڪورٽ مارشل ٿيڻ کان ‏پوءِ 12/12 ڦٽڪن جي سزا برداشت ڪئي. پڙهڻ دوران سياست ۾ حصو وٺڻ تي ڪجهہ وقت لاءِ رسٽڪيٽ پڻ ٿيا.‏ ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي اجمير ۾ رهيو. ٻاراڻي ادب بابت سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ‏شايع ٿيل آهن. 38 سالن تائين ويسٽرن ريلوي جي ملازمت ۾ رهيو. 07 جولائي 2020ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.


لفظ ايسر سنگهہ بيديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.10.23  عيسوي

ايسر سنگهه بيديءَ جو تعلق شھدادپور، ضلعي ‏سانگهڙ جي هڪ زميندار خاندان سان هو. سندس جنم 23 آڪٽوبر 1927ع تي، اتم سنگهه جي گهر شھدادپور ۾ ٿيو.


2020.07.07  عيسوي

ايسر سنگهه بيديءَ 07 جولائي 2020ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لجپتراءِ مظلوم
جارج-6
حسن پٽ رڪن الدين خطاط
جعفر خواجو
امداد علي اوڍو
شيرمحمد راهوجو
طاهرہ واسطي
حاجي علي شاھہ هنڱورو
روچيرام گجو مل
ڀڳت تيرٿ گر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون