ايسر سنگهه بيدي

ايسر سنگهه بيدي

ايسر سنگهہ بيدي

ايسر سنگهہ بيدي: انگريزن خلاف آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن ۽ ليکڪ ايسر سنگهہ بيديءَ جو تعلق شھدادپور، ضلعي ‏سانگهڙ جي هڪ زميندار خاندان سان هو. سندس جنم 23 آڪٽوبر 1927ع تي، اتم سنگهہ جي گهر شھدادپور ۾ ٿيو. مشھور ‏انقلابي اڳواڻ ديال سنگهہ بيدي سندس وڏو ڀاءُ ۽ سياسي استاد هو. انٽر تائين سنڌ ۾ تعليم حاصل ڪئي. انقلابي خيالن سبب ‏ٻئي ڀائر ’نوجوان منڊلي‘ جي پليٽ فارم تان، انگريزن خلاف پمفليٽ ۽ ٻيو مواد ورهائيندي گرفتار ٿيا ۽ ڪورٽ مارشل ٿيڻ کان ‏پوءِ 12/12 ڦٽڪن جي سزا برداشت ڪئي. پڙهڻ دوران سياست ۾ حصو وٺڻ تي ڪجهہ وقت لاءِ رسٽڪيٽ پڻ ٿيا.‏ ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي اجمير ۾ رهيو. ٻاراڻي ادب بابت سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ‏شايع ٿيل آهن. 38 سالن تائين ويسٽرن ريلوي جي ملازمت ۾ رهيو. 07 جولائي 2020ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.


لفظ ايسر سنگهہ بيديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.10.23  عيسوي

ايسر سنگهه بيديءَ جو تعلق شھدادپور، ضلعي ‏سانگهڙ جي هڪ زميندار خاندان سان هو. سندس جنم 23 آڪٽوبر 1927ع تي، اتم سنگهه جي گهر شھدادپور ۾ ٿيو.


2020.07.07  عيسوي

ايسر سنگهه بيديءَ 07 جولائي 2020ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد رفيق بلوچ
روشن عطا
پونجو سيٺ
دهلوي شاھہ غلام محمد
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
جوناٿن مارڪ ڪناير
داداڀائي ولي محمد
عبدالقدير خان افغان ڊاڪٽر
حسين بخش وڳڻ
اخلاق حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون