ايسٽر

ايسٽَر: عيسائين جو وڏو ڏينهن. عيسائين جي عقيدي موجب هيءُ ڏينهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي صليب تي چڙهڻ جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. پهريائين ايسٽر ملهائڻ لاءِ ڪا تاريخ مقرر ڪانہ هئي، پر 1752ع ۾ برطانيا جي پارليامينٽ هڪ قانون منظور ڪيو، جنهن مطابق 21 مارچ يا ان کان پوءِ چنڊ جي 15 تاريخ کان پوءِ جيڪو آچر اچي، اهو ايسٽر جو ڏينهن ٿيندو.
هن ڏهاري سان ڪيتريون ئي رسمون منسوب آهن. جھڙوڪ: ان ڏينهن عيسائي عموماً آنا (بيضا) هڪ ٻئي کي تحفي طور ڏيندا آهن، ۽ ٻارڙا آنن (بيضن) سان کيڏندا آهن. ايسٽر جي تقريب جو آغاز اڌ رات جو ديول ۾ خاص شمع ٻاري مسيح جي نئين تنوير (نور جي ڪرڻن) سان ڪيو ويندو آهي.


لفظ ايسٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1752.00.00  عيسوي

پهريائين ايسٽر ملهائڻ لاءِ ڪا تاريخ مقرر ڪانه هئي ، پر 1752ع ۾ برطانيا جي پارليامينٽ هڪ قانون منظور ڪيو ، جنهن مطابق 21 مارچ يا ان کان پوءِ چنڊ جي 15 تاريخ کان پوءِ جيڪو آچر اچي ، اهو ايسٽر جو ڏينهن ٿيندو .



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تنجور ۾ شِوِ جا مندر
برهما
ذڪري
اڪال ڀونگو مندر
آنگاس
جامعہ الازهر
جين ڌرم
بحيرا
سناتن ڌرم
اشلوڪ
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون