ايسٽرن نارا ڪئنال
ايسٽرن نارا ڪئنال: سکر بئراج جي کاٻي ڪناري وٽان نڪرندر هڪ واهه جو نالو آهي. ۽ هيءُ بئراج جو سڀ کان وڏو واهه آهي. هن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو 13649 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته هن جي پاڻيءَ مان 22 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. هن واهه جي ڊيگهه 226 ميل ۽ ويڪر 346 فوٽ ۽ اونهائي 5x 11 فوٽ آهي.