ايسٽ وڪ وليم جوزف

ايسٽ وِڪ وليم جوزف: انگريز منتظم، مصنف ۽ ڪمانڊر، جيڪو 1808ع ۾ ڄائو. ونچسٽر (انگلنڊ) مان تعليم وٺي، بمبئي فوج ۾ شامل ٿيو. پوءِ سياسي شعبي سان وابستہ ٿيو ۽ سنڌ ۾ هينري پاٽنجر جو معاون مقرر ٿيو. 1889ع ۾ حيدرآباد جي ميرن سان صلح جي ڳالهين واري وفد ۾ شامل هو. 1846ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر ۽ 1858ع ۾ ان جو نائب چيئرمئن ٿيو. ڪائونسل آف انڊيا جو ميمبر بہ رهيو. هن سنڌ جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب “Dry Leaves From Young Egypt” جنهن جو سنڌي ترجمو ، سنڌي ادبي بورڊ پاران”نئين مصر جا پراڻا ورق“ جي نالي سان ڇپايو ويو آهي، ، پر ڪن جو خيال آهي تہ اهو اي.بي.ايسٽوڪ سندس ڀاءُ هو جنهن اهو ڪتاب لکيو هو. وليم جوزف ايسٽ وِڪ 1889ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1808.00.00  عيسوي

ايسٽ وِڪ وليم جوزف: انگريز منتظم ، مصنف ۽ ڪمانڊر ، جيڪو 1808ع ۾ ڄائو .


1889.00.00  عيسوي

وليم جوزف ايسٽ وِڪ 1889ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيٺ غلام حسين قاسم
ڏگو نور محمد
ٿڌاڻي اين وي
ثميره زرين
ايشوري جوتواڻي 2
چانڊيو شھمير خان ’شھمير‘
ابن الجوزي
اظهر گيلاني
پير محمد زمان شاھہ هاشمي
ضياء الحسين لنجار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون