ڊاڪٽر ايس. آر. رائو
ايس آر رائو، ڊاڪٽر: مشهور محقق ۽ آثار قديمه جو ماهر، ڊاڪٽر ايس آر رائو جو پورو نالو شڪاريپورا رنگناٿ رائو (Shikaripura Ranganath Rao) هو. هن پھرين جولاءِ 1922ع تي رياست ميسور (هاڻي ڪرناٽڪ) جي ڳوٺ ’آنند پورم‘، ضلعي شِموگا جي هڪ برهمڻ خاندان ۾ جنم ورتو. پنهنجي تعليم ميسور يونيورسٽيءَ مان مڪمل ڪئي. کيس قديم آثارن سان وڏي دلچسپي هئي. هن بڙودا رياست جي آثارِ قديمه واري کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ گڏوگڏ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪم ڪيو. هن رنگپور (Rangpur)، امريلي (Amreli)، ڀڳتراو (Bhagtrav)، دوارڪا (Dwarka)، هانر (Hanur)، آهولي (Aihole)، ڪويري پتنام (Kaveri Pattinam) ۽ ٻين ماڳن جي کوٽاين ۾ حصو ورتو. سندس اهم ڪم لوٿل جي ماڳ تي تحقيق ۽ ان جي کوٽائي آهي. لوٿل، تاريخ جي اوائلي بندر ۽ هندستان ۾ سنڌو تهذيب جو هڪ اهم ماڳ آهي. ڊاڪٽر رائو، جواهرلال نهرو فيلوشپ سان گڏ ميسور يونيورسٽيءَ مان ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. هن ڀارت ۽ ڀارت کان ٻاهر اولهه ۽ ڏکڻ جي ڪيترن ملڪن جي اهم ماڳن جي کوٽائيءَ ۾ حصو ورتو. ان سان گڏوگڏ تاج محل ۽ ٻين ڪيترن تاريخي قلعن جي تحفظ ۽ بحاليءَ سان به لاڳاپيل رهيو. هن ڪرناٽڪ (ميسور) جي قديم تصويرن تي پڻ معياري تحقيق ڪئي. 1980ع ۾ سرڪاري طرح رٽائرڊ ٿيڻ جي باوجود ڊاڪٽر رائو کي، انڊيا ۾ آثار قديمه جي اهم رٿائن ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور ڪم ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي. ڊاڪٽر رائو جي ڪوششن سان 1981ع ۾، اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد ظھور قاسم (Dr. S. Z. Qasim) جي سربراهيءَ ۾، مئرين آرڪيالاجيڪل ريسرچ سينٽر قائم ڪيو ويو، جيڪو دنيا جو مڃيل ادارو آهي. هي انڊيا ۾ ’سوسائٽي آف مئرين آرڪيالاجي‘ جو باني رهيو. ڊاڪٽر رائو هندستان جي قديم آثارن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سربراهي ڪئي. هي هندستان جي قديم ۽ ڏندڪٿائي ماضيءَ تي، خاص ڪري ’ڪورون ۽ پانڊون جي جنگ‘ بابت ’سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب‘ وارن ماڳن جي روشنيءَ ۾ تحقيق ڪئي. ايس آر رائو، سنڌو لکت جي ڀاڃ تي وڏو ڪم ڪيو. ان ڏس ۾ هن هڪ اهم ڪتاب Dawn & Devolution of Indus Script لکي، 1991ع ۾ دهليءَ مان شايع ڪرايو. هن سنڌو لکت جي هڪجهڙائيءَ ۽ اُن جي ٻين اولهه ايشيائي زبانن جي لکتن ۽ آوازي اگهن (Sound Values) تي به اهميت جوڳو ڪم ڪيو. هن سنڌو مهرن تي به وڏو ڪم ڪيو. سندس ڪتاب Dawn & Devolution of Indus Script جي هڪ باب جو سنڌيءَ ۾ مشھور ليکڪ عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ ’سنڌو لکت ۽ ٻولي‘ جي عنوان سان، 1994ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ايس آر رائو جي راءِ موجب سنڌو لکت، برهمي ۽ سامي لکتن کان آڳاٽي آهي. اهي لکتون، سنڌو لکتن تان ورتيون ويون آهن. هن کوجنا ڪري ڄاڻايو ته 17 نشانيون اهڙيون آهن، جيڪي سنڌو ۽ سامي لکت ۾ هڪجهڙيون آهن ۽ 16 نشانيون وري اهڙيون آهن، جيڪي برهمي لکت سان هڪجهڙائپ رکن ٿيون. هن 1000 ق. م واري دؤر جي سنڌو لکت تي بحث ڪندي لکيو آهي ته، ”اسان کي پوئين دؤر جي دوارڪا ٻيٽ ۽ جبلن تي برهمي لپيءَ ۾ اشوڪ جي لکت مان ڄاڻ پوي ٿي ته برهمي لکت، سنڌي تصويري الف ب تان ورتل آهي ۽ سنڌو لکت ۾ به اهڙا مکيه اصول آهن، جن برهمي لکت تي گهرو اثر ڪيو آهي.“ سنڌي ۽ قديم ايراني ٻوليءَ بابت بحث ڪندي ڊاڪٽر ايس. آر. رائو ٻڌايو آهي ته، ”سنڌي ٻوليءَ جو قديم ايرانيءَ سان به لاڳاپو هو.“ سندس دعويٰ آهي ته سنڌي ٻولي آرين جي ٻوليءَ کان وڌيڪ پراڻي آهي ۽ اُها دراوڙي ٻوليءَ سان بلڪل واسطو نٿي رکي. هن سنڌو مهرن (Indus Seals) جي لکتن کي پڙهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي، خاص ڪري انگن جي ڀاڃ هن ريت ڪئي اٿائين: ٻارهن+دودس، ڏهه/دس (Dvadasa)، ست (Dasa)، پنج (Happta/Sapa)، چار (Panta)، ٽي (Catus)، ايڪ (Aekatra) سؤ (Sata). دوارڪا جي ’ڏندڪٿائي شهر‘ بابت ڊاڪٽر ايس آر رائو جو بيان آهي ته هي وشنو جي اٺين اوتار ڪرشن جي جنم ڀومي آهي. رائو جي تحقيق ۽ مهاڀارت موجب ڪرشن، دوارڪا ٻيٽ ۾ دوارڪا قلعي جو بنياد رکيو هو، جنهن جا کنڊر سمنڊ هيٺ اچي ويا آهن. ان کان پوءِ هن گومتي نديءَ جي ڪناري تي ٻيو شهر جوڙايو هو. دوارڪا ٻيٽ تي ڊاڪٽر رائو ۽ سندس ٽيم 500 ميٽر ڊگهي هڪ ديوار ڳولي لڌي، جيڪا ڪناري تان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اتان لڌل ٺڪراٺي جي عمر 1528 ق. م آهي. هتان ڊاڪٽر رائو کي پٿر جي ٽن سوراخن واريون مهرون وڏي تعداد ۾ هٿ آيون. هن دوارڪا وٽان سمنڊ مان مليل مهرن کي لوٿل ۽ موهن جي دڙي جي مهرن جو تسلسل سڏيو آهي، جتان هڪ سوراخ واريون مهرون مليون آهن. آثار قديمه جي هن ماهر 3 جنوري 2013ع تي، 90 سالن جي عمر ۾ بينگلور ۾ وفات ڪئي.
1922.07.01 عيسوي
مشهور محقق ۽ آرڪيالاجسٽ، ڊاڪٽر ايس. آر. رائو جو پورو نالو شڪاريپورا رنگناٿ رائو (Shikaripura Ranganath Rao) هو. هن01 جولاءِ 1922ع تي جنم ورتو
2013.01.03 عيسوي
ڊاڪٽر ايس. آر. رائو 03 جنوري 2013ع تي وفات ڪئي.