ايس. ايم. فاطمه جناح گرلز اسڪول: سيپٽمبر 1942ع ۾، سنڌ مدرسي بورڊ طرفان ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ مسٽر عبدالرحمان جي بنگلي ۾ هڪ اسڪول کوليو ويو، جيڪو آهستي آهستي ترقي ڪندو هڪ مقبول اسڪول بڻجي ويو. 1947ع ۾ اسڪول جي لاءِ هڪ ايراضي حاصل ڪري، محترمه فاطمه جناح کان پيڙهه جو پٿر رکرائي، سندن ئي نالي سان منسوب ڪيو ويو. 1953ع ۾، هن اسڪول کي هڪ ٻي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. هن وقت، انهيءَ اسڪول ۾ ٻن هزارن کان مٿي ڇوڪريون تعليم پرائي رهيون آهن.
1942.09.00 عيسوي
ايس . ايم . فاطمه جناح گرلز اسڪول: سيپٽمبر 1942ع ۾ ، سنڌ مدرسي بورڊ طرفان ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ مسٽر عبدالرحمان جي بنگلي ۾ هڪ اسڪول کوليو ويو ،