ايس جي ڀاڳيا

ايس جي ڀاڳيا

ايس جي ڀاڳيا

ايس. جي. ڀاڳيا: نامياري اديب ايس جي ڀاڳيا جو اصل نالو سڌام چند گوڪل مل ڀاڳيا آهي. سندس جنم 6 نومبر 1955ع تي پني عاقل ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پني عاقل جي گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول مان 1976ع ڌاري ڪيائين. وسيع مطالعو رکندڙ ايس. جي. ڀاڳيا پني عاقل ۾ ڊراميٽڪ سوسائٽي جو بنياد وڌو ۽ ڪيترائي ڊراما اسٽيج پڻ ڪيائين. پاڻ انهن ڊرامن ۾ ڇوڪرين جا ڪردار بہ خوب نڀايائين. سنڌي ادبي سنگت سان سندس تعلق 1977ع کان رهيو آهي ۽ هن وقت تائين ان جو سرگرم ساٿي ڪارڪن آهي. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي چونڊن ۾ بہ حصو وٺندو رهيو آهي ۽ پني عاقل شاخ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هو مهراڻ ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو سيڪريٽري پڻ آهي. جنهن جي پليٽ فارم تان اسڪول، ڪاليج ۽ ميڊيڪل سينٽر هلي رهيا آهن. ايس جي ڀاڳيا 1977ع ۾ سياست ۾ بہ حصو ورتو. شروع کان ئي کاٻي ڌر سان وابستہ رهيو. بنيادي طور تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان تعلق هئس، جڏهن تہ عوامي نيشنل پارٽيءَ ۽ بي اين پي ۾ بہ ڪم ڪيائين ۽ هاڻ پاڪستان پيپلزپارٽي سان همدرديون اٿس. هن ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو. قومي، عوامي جدوجھد ڪندي ٻہ ڀيرا جيل بہ ڪاٽيائين. 1985ع ۾ پني عاقل ۾ هڪ شاندار ”100 ساله جشن ڪنور ڀڳت“ منعقد ڪرايائين. سندس شاعري ۽ ڪالم ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿين ٿا.


لفظ ايس جي ڀاڳياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

06.11.1955  عيسوي

ايس . جي . ڀاڳيا 6 نومبر 1955ع تي پني عاقل ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀرٽ عبدالحق
دائودپوٽو ولي
چوڌري پرويز الاهي
فھد مصطفيٰ
ٻانڀڻ
شير شاھہ سوري
روشن جي
ٽانٽن
امير علي شاھہ ڄاموٽ
خير محمد ڏاهري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون