ايس گل

ايس گل

ايس گل

ايس. گُل: سندس اصل نالو سيد حاجي فضل علي شاھہ ڄاموٽ هو، پر هو فلمي دنيا ۾ ”ايس. گل“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. مرحوم جي ڄمار 75 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. جڏهن هن 18 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪئي. پونيرن ۾ هن ٻہ پٽ ڇڏيا آهن، جن مان هڪ جي اڳوڻي وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجي جي نياڻيءَ سان شادي ٿيل آهي. ڄاموٽ فئملي سان تعلق رکندڙ ايس. گل اداڪاريءَ جي شروعات ورهاڱي کان اڳ ڪئي هئي. پاڪستان ۾ ”بيقرار“ سندس پهرين فلم هئي، جيڪا 1950ع ڌاري هن خود پروڊيوس ڪئي هئي. ’التجا‘، ’درنده‘، ’سھڻا سائين‘ ۽ ’حاضر سائين‘ وغيرہ سميت هن اردوءَ توڙي سنڌيءَ ۾ تقريباً 100 فلمون ٺاهيون. هن فلمن ۽ مقبول ٽي. وي پروگرام ”نيلام گهر“ لاءِ گل حيدر جي نالي سان ميوزڪ پڻ ڪمپوز ڪيو. گل حيدر نالو ڏيڻ جو سبب هيءُ هو تہ ايس. گل جهوني ميوزڪ ڊائريڪٽر مرحوم غلام حيدر جو اسسٽنٽ رهي چڪو هو.


لفظ ايس گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1999.10.18  عيسوي

سيد حاجي فضل علي شاهه ڄاموٽ ”ايس .گل“ 18 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چٺا محمد حسين
راسل پٽ وسايو
ابو زيد حسن سيرافي
نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
سيد سردار احمد
پنهور مولوي محمد علي
ڀڳت تيرٿ گر
اميد علي شاھہ اميدن ڀريو
جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي
سلطان محمود خان بکري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون