
ايشوريا راءِ
ايشوريا راءِ: بالي ووڊ جي نامور اداڪارہ ۽ اڳوڻي مِس ورلڊ ايشوريا راءِ، پهرين نومبر 1973ع تي ڪرناٽڪ رياست جي منگلور شھر ۾ ڪرشنا راج جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سامونڊي حياتيات جو ماهر هو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ هن جو خاندان ممبئي منتقل ٿيو. ايشوريا راءِ شروعاتي تعليم ممبئيءَ جي آريا وِديا مندر هاءِ اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ممبئيءَ جي جئہ هند ڪاليج ۽ ڊي. جي. روپارل ڪاليج مان ڪئي. پوءِ هن پنج سال رقص ۽ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي تربيت ورتي. اسڪول ۾ سندس پسند جو موضوع زولاجي هو، پر هن ماڊلنگ کي پنهنجو پيشو بڻايو.
ايشوريا راءِ، نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران پهريون ڀيرو پينسلون ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ جي هڪ اشتهار ۾ ماڊلنگ ڪئي. ان بعد ڪاليج جي هڪ پروفيسر سندس تصوير هڪ فيشن مئگزين ۾ ڇپرائي، ائين سندس شھرت ۾ اضافو ٿيو. پوءِ هن ڪوڪاڪولا، ڪاسميٽڪس ۽ اليڪٽرونڪ ڪمپنين جي اشتهارن ۾ ڪم ڪيو. 1994ع ۾ هن ’مس انڊيا‘ مقابلي ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هيءَ ٻيو نمبر آئي، جڏهن تہ پهرين نمبر تي بالي ووڊ اداڪارہ سشميتاسين آئي. ان بعد هن پنھنجي ماڊلنگ تي ڌيان ڏيندي پوري تياري ڪئي ۽ لنڊن ۾ ٿيندڙ عالمي حُسن مقابلي ۾ حصو وٺي مس ورلڊ جو اعزاز حاصل ڪيو. ايشوريا راءِ پهرين هڪ تامل فلم ۾ ڪم ڪيو. سندس پهرين هندي فلم بوبي ديول سان گڏ ’اور پيار هو گيا‘ هئي. 1999ع ۾ سنجئه ليلا ڀنساليءَ جي فلم ’هم دل دي چُڪي صنم‘، هن کي شھرت جي بلندين تي پھچايو. پوءِ هن ڪيترين هندي فلمن ۾ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو، انهن فلمن ۾: تال
(1999ع)، ميلا (2000ع، جوش (2000ع)، همارا دل آپ ڪي پاس هي
(2000ع)، محبتين (2000ع)، البيلا (2001ع)، هم تمهاري هين صنم (2002ع)، هم ڪسِي سَي ڪم نهين (2002ع)، شھيد (2002ع)، ديوداس (2002ع)، شڪتي (2002ع)، چوکر بالي (2003ع)، دل ڪا رشتا (2003ع)، ڪڇ نا ڪھو (2003ع)، خاڪي (2004ع)، ڪيون... هو گيا نا (2004ع)، شبد (2005ع)، بنٽي اور ببلي (مهمان اداڪارہ طور: 2005ع)، امرائو جان (2006ع)، ڌوم-2 (2006ع)، گرو (2007ع)، جوڌا اڪبر (2008ع)، سرڪار راج (2008ع)، راون (2010ع)، ائڪشن رِي پلَي (2010ع) ۽ گذارش (2010ع) شامل آهن.
هن Brider & Prejudice (2004)، Mistress of Spices (2005)، Provoked (2007)، The Last Legion (2007) ۽ ٻين انگريزي فلمن ۾ بہ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي، جڏهن تہ سندس ٻہ هندي فلمون: ’ليڊيز اينڊ جينٽلز مين‘ ۽ ’هيروئين‘ 2012ع ۾ رليز ٿيڻيون آهن. ايشوريا راءِ کي سندس خوبصورتيءَ ۽ فني قابليت سبب انڊين فلم اڪيڊمي، اسٽار اسڪرين، ڊي سيائن ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترا اوارڊ بہ مليا آهن. کيس ٻہ ڀيرا بھترين اداڪارہ جو فلم فيئر اوارڊ ملي چڪو آهي. 20 اپريل 2007ع تي سندس شادي، بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار اڀيشڪ بچن سان ٿي. شاديءَ کان پوءِ هوءَ پاڻ کي ’ايشوريا راءِ بچن‘ لکي ٿي.
1973.11.01 عيسوي
بالي ووڊ جي نامور اداڪاره ۽ اڳوڻي مِس ورلڊ ايشوريا راءِ، پهرين نومبر 1973ع تي ڪرناٽڪ رياست جي منگلور شهر ۾ ڪرشنا راج جي گهر ۾ جنم ورتو.