
ايشوري جوتواڻي
ايشوري جوتواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي، 11 نومبر 1930ع تي سيوهڻ، سنڌ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي آهي. هن ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون، مضمون ۽ سفرناما لکيا آهن. هن انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ، ڪئٽ انڊيا (Quit India) ۾ ننڍيءَ عمر ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهہ عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد بہ رهي. ورهاڱي کان پوءِ هُن هند جي پُوني شھر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي هن سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي استاد طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر بہ رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپريڊنٽ بہ رهي چڪي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”محبت جو تياڳ“(ناول: 1951ع)، ”الفت جي آڳ“(ناول:1953ع)، ”ڪامل جون ڪهاڻيون“(ڪهاڻيون: 1993ع) ۽ ”امنگن جا آبشار“ (مضمون ۽ سفرنامو: 1993ع)، ”ڇتر پتي شوا جي“ (جيوني: 1996ع)، ”آکاڻيون پورب ديس جون“، ”امر چتر ڪٿا“، ”ڪوتڪ گلدستو“ ۽ ”ڪرامتي ڪوتڪ“ وغيرہ شامل آهن. کيس سنڌي ادب ۾ بھترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ ملي چڪو آهي. هُوءَ ’سنڌي ساهتيہ سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي چڪي آهي. هن وقت شانتي ڪنج، پوني ۾ رهائش پذير آهي.
1930.11.11 عيسوي
سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي ، 11 نومبر 1930ع تي سيوهڻ ، سنڌ ۾ جنم ورتو .