ايشور چندر

ايشور چندر: ايشور چندر سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي. هو 30 جولاءِ 1937ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پنھنجي خاندان سان هندستان هليو ويو، جتي راجستان جي شھر اجمير ۾رهيو ۽ ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. هن سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ تمام گهڻيون ڪهاڻيون لکيون آهن سندس هندي ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب تي راجستان ساهتيہ اڪيڊميءَ سڀ کان وڏو انعام کيس ڏنو ۽ سندس قدرداني ڪئي. سنڌيءَ ۽ هنديءَ ٻولين ۾ سندس ڏهاڪو ڪتاب ڇپيل آهن جن جو تفصيل هن ريت آهي: 1. ٿڌا چپ (1965ع)، 2. مئل ماڪوڙو (1966ع)، 3. پنھنجي ئي گهر ۾ (1973ع)، 4. نئين زماني جو ڪوئو (1979ع)، 5. سخت چهري وارو ماڻهو (1980ع)، 6. موٽي آيل ماضي (1881ع)، 7. ايشور چندر جو ست ڪهاڻيون (1983ع)، 8. ڇوڪرو ڇوڪري (1983ع)، 9. اندر جو ڄامڙو (1984ع)، 10. ساڳيو ئي سوال (1984ع)، 11. هڪ بيمار غزل (1985ع)، 12. رٿ (1986ع پر/ شايد 1987ع). ان کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ Forgotten پڻ ڇپيو آهي. هن جا ٽي ڪتاب ٿڌا چپ، سخت چهري وارو ماڻهو ۽ اندر جو ڄامڙو سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلن جو حل ملي ٿو. ”موھہ“ سندس بھترين ڪهاڻين مان هڪ آهي. هن 13 آگسٽ 1992ع تي ديهانت ڪئي.


لفظ ايشور چندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.07.30  عيسوي

ايشور چندر: ايشور چندر سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي . هو 30 جولاءِ 1937ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو .


1992.08.13  عيسوي

ايشور چندر 13 آگسٽ 1992ع تي ديهانت ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الف خان ترين خانبهادر
خان خانان منعم بيگ
سيد قاسم محمود
عبدالحڪيم صديقي ڀائيخان
سيد دادن شاھہ جھانيان
ابن خلدون
ٺارومل بجاج
جتوئي غلام مصطفيٰ خان
آخوند نور محمد ڀٽي
طلعت اقبال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون