ايشيا جو نقشو

ايشيا جو نقشو

ايشيا جو نقشو

ايشيا جو نقشو

ايشيا جو نقشو

ايشيا جو نقشو

ايشيا

ايشيا

ايشيا

ايشيا: ايشيا دنيا جي ايراضي ۽ آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو کنڊ آهي. هي خطو 44 ملين چورس ڪلو ميٽرن کان بہ وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آهي، جيڪو سڄي زمين جو ڪُل 30 سيڪڙو ۽ زميني سطح جو 8 سيڪڙو ٿئي ٿو. يورپ سميت هي خشڪي جو وڏو زميني حصو آهي، جنھن کي يوريشيا (Eurasia) چون ٿا. يورپ سان گڏ هن جي سرحد ڪوهستان، يورال، دريائي يورال ۽ قفقاز سان گڏ آهي. 2018ع جي انگن اکرن موجب ايشيا کنڊ جي ڪُل آبادي لڳ ڀڳ ساڍا چار ارب (4.561 بلين) آهي. الهندي ۾ باسفورس، دره دانيال ۽ بحري يورپ کان جدا ڪري ٿو. اتر اوڀر ۾ بحر بيرنگ، اتر آمريڪا کان جدا ڪري ٿو. نھر سويز (بحر روم ۽ بحر قلزم جو وچ) ايشيا کي آفريڪا کان جدا ڪري ٿو. ڏکڻ ۾بحر عرب، اڀرندي ۾ بحر چين، بحر زرد، بحر جاپان، بحر اوڪوٽسڪ، بحر بيرنگ ۽ اتر ۾ بحر آرڪٽڪ آهي. ايشيا ۾ ڪُل 48 ملڪ شامل آهن، جن جي جاءِ وقوع ۽ آبادي 2020ع مطابق هن ريت آهي: (1) چين 1439323776 اوڀر ايشيا، (2) هندستان 1380004385 ڏکڻ ايشيا، (3) انڊونيشيا 273523615 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (4) پاڪستان 220892340 ڏکڻ ايشيا، (5) بنگلاديش 164689383 ڏکڻ ايشيا، (6) جاپان 126476461 اوڀر ايشيا، (7) فلپائن 109581078 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (8) ويٽنام 97338579 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (9) ترڪي 84339067 اولھہ ايشيا، (10) ايران 83992949 ڏکڻ ايشيا، (11) ٿائيلينڊ 69799978 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (12) ميانمار 54409800 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (13) ڏکڻ ڪوريا 51269185 اوڀر ايشيا، (14) عراق 40222493 اولھہ ايشيا، (15) افغانستان 38928346 ڏکڻ ايشيا، (16) سعودي عرب 34813871 اولھہ ايشيا، (17) ازبڪستان 33469203 وچ ايشيا، (18) ملائيشيا 32356999 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (19) يمن 29825964 اولھہ ايشيا، (20) نيپال 29136808 ڏکڻ ايشيا، (21) اتر ڪوريا 25778816 اوڀر ايشيا، (22) سريلنڪا 21413249، ڏکڻ ايشيا، (23) قزاقستان 18776707 وچ ايشيا، (24) شام 17500658 اولھہ ايشيا، (25) ڪمبوڊيا 16718965 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (26) جارڊان 10203134 اولھہ ايشيا، (27) آذر بائيجان 10139177 اولھہ ايشيا، (28) گڏيل عرب امارات 9890402 اولھہ ايشيا، (29) تاجڪستان 9537645 وچ ايشيا، (30) اسرائيل 8655535 اولھہ ايشيا، (31) لاؤس 7275560 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (32) لبنان 6825445 اولھہ ايشيا، (33) ڪرغزستان 6524195 وچ ايشيا، (34) ترڪمانستان 6301200 وچ ايشيا، (35) سنگاپور 5850342 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (36) عمان 5106626 اولھہ ايشيا، (37) فلسطين 5101414 اولھہ ايشيا، (38) ڪُويت 4270571 اولھہ ايشيا، (39) جارجيا 3989167 اولھہ ايشيا، (40) منگوليا 3278290 اوڀر ايشيا، (41) ارمينيا 2963243 اولھہ ايشيا، (42) قطر 2881053 اولھہ ايشيا، (43) بحرين 1701575 اولھہ ايشيا، (44) ٽمر- ليسٽ 1318445 ڏکڻ اوڀر ايشيا، (45) سِپرس 1207359 اولھہ ايشيا، (46) ڀوٽان 771608 ڏکڻ ايشيا، (47) مالديپ 540544 ڏکڻ ايشيا، (48) بروناءِ 437479 ڏکڻ اوڀر ايشيا ان کانسواءِ ٽي ملڪ: تائيوان (آبادي: 23816775)، هانگ ڪانگ (آبادي: 7496981) ۽ مڪاؤ (649335) چين جي اختياري هيٺ آهن.


لفظ ايشياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو