ايف. اي. خان ڊاڪٽر

ايف. اي. خان ڊاڪٽر

ايف اي خان ڊاڪٽر

ايف. اي. خان ڊاڪٽر: پاڪستاني آثارِ قديمہ جي ماهر ۽ تحقيقي اداري جي هن سربراھہ ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ننڍي کنڊ جي مشھور ۽ پهرين مسلم يونيورسٽي عليڳڙھہ مان پهريان تاريخ جي شعبي ۾ ۽ پوءِ جاگرافي جي شعبي ۾ ماسٽرز جون ٻہ ڊگريون حاصل ڪيون. بعد ۾ هن لنڊن يونيورسٽي مان آثارِ قديمہ جي شعبي ۾ ’’سنڌو تھذيب جو آڳاٽي ايراني ڪلچر سان واسطو“ (An Archaeological Study of the Indus Valley Civilization and Their Relationship to the Early Cultures of Iran) جي عنوان سان تحقيقي مقالو تحرير ڪري ڊاڪٽري جي سند حاصل ڪئي.
آڪٽوبر 1938ع ڌاري، هندستاني آثار قديمہ جي سرڪاري اداري ۾ شموليت اختيار ڪيائين، جتان پوءِ 1947ع ۾ کيس هندستاني حڪومت پاران چيني آثارِ قديمہ بابت علمي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن سالن لاءِ چين موڪليو ويو.
آثارِ قديمہ جي شعبي ۾ سندس اهم ڪارنامو سنڌو ماٿري تھذيب تي گذريل 25 سالن ۾ ٿيل تحقيق جو وسيع پيماني تي تقابلي مطالعو انتهائي اهميت جو حامل آهي. ان کان علاوہ هن قديم هندو، ٻڌمت ۽ اسلامي دؤر جي آثارن ۽ انهن دورن بابت پيدا ٿيل مفروضن/ مسئلن
جو تحقيقي نقطهء نگاھہ سان مطالعو پڻ پيش ڪيو.
پاڻ 1954ع کان اوڀر پاڪستان ۾ موجود ٻڌمت جي قديم ماڳ مينامتي جي کوٽائيءَ جي عمل ۾ سرگرم آهي، جڏهن تہ سندس ٻين اهم تحقيقن ۾ سنڌو ماٿري جي آڳاٽي هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي تھذيب ۽ آبادڪاري واري پراڻي ماڳ ڪوٽڏيجي بابت کوجنا، سنڌ جي شھر ڀنڀور ۾ اٺين صدي عيسويءَ ڌاري عربن پاران قائم ڪيل آڳاٽي شھر جي آثارن تي ڪيل تحقيق شامل آهن.
هن پنھنجي تحقيقي ڪم جي حوالي سان بي شمار مقالا تحرير ڪيا آهن، جيڪي مختلف ملڪن جھڙوڪ: آمريڪا، نيدرلينڊ، برطانيه، هندستان ۽ پاڪستان جي تحقيقي جرنلن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.
آثارِ قديمہ جي حوالي سان سندس ڪيل خدمتن عيوض 1961ع ۾ پاڪستاني سرڪار پاران کيس تمغهء پاڪستان سان نوازيو.
سندس شايع ٿيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي:
1. Mainamati: Recent Archaeological Discoveries In East Pakistan (1955).
2. Preliminary Report On Koti Diji Excavation (1957-58)
3. Preliminary Report On Bhanbhore Excavations (1960).
4. The Princess Bomba Collection (Antiquities Of Sikh Period): Catalogue, With Bomba Jindan Dileep Singh Sutherland (1961)
5. Banbhore: A Preliminary Report On The Recent Archaeological (1963).
6. Mainmati; A Preliminary Report On The Recent Archaeological Survey (1963)
7. The Indus Valley And Early Iran (1964)
8. The Glory That Was Mohenjodaro (1967)
9. The Glory That Was Harrapa (1967).
10. Architecture And Art Treasures In Pakistan, (1969).



هن صفحي کي شيئر ڪريو