ايلسا قاضي ۽ آءِ آءِ قاضي

ايلسا قاضي ۽ آءِ آءِ قاضي

ايلسا قاضي

ايلسا قاضي: ايلسا گرٽ، جنهن کي سنڌ ۾ ”مدر ايلسا“ چيو ويندو آهي، سا جرمن نسل جي هڪ مشفق ۽ غريب پرور عورت هئي. سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل اسٽاٽ نالي هڪ ننڍڙي شھر ۾، 13 آڪٽوبر 1884ع تي ٿي. سندس والد هڪ موسيقار هو. ايلسا جو ننڍپڻ کان ئي مصوريءَ ۽ شاعريءَ ڏانهن لاڙو هو. 19 صديءَ جي آخر ۾ هيءُ خاندان جرمنيءَ مان لڏي اچي انگلنڊ رهيو، جتي هن جي ملاقات علامہ آءِ. آءِ قاضي صاحب سان ٿي. هنن ٻنهي جي هڪ ٻئي ذهني ۽ دلي هم آهنگي ٿي ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي. تنهن کانپوءِ 1910ع ۾ علامہ صاحب ايلسا سان شادي ڪري پنھنجي محبت کي ازدواجي رشتي ۾ تبديل ڪيو. شاديءَ کان پوءِ، علامہ صاحب جي صلاح سان ايلسا قاضيءَ انگريزيءَ ۾ شاعريءَ ۽ تصنيف تاليف جو ڪم شروع ڪيو. سال 1911ع ۾ هوءَ علامہ صاحب سان گڏ، سنڌ ۾ آئي ۽ حيدرآباد ۾ اچي رهي، جتي سندس شعر انگريزي اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا. تنهن کان پوءِ سندس شعرن جو مجموعو، حيدرآباد جي اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس جي مسٽر آڏواڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي انگريزي ڪتابن ۾ (1) Old English Garden Symphony (Novel), (2) Temptation (Drama), (3) Civilization, Through The Ages, اچي وڃن ٿا. اهو ايلسا جو پهريون ڪتاب هو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو، “Risalo of Shah Abdul Latif (Selections)” سندس آخري ڪتاب آهي. علامہ قاضي صاحب ۽ ايلسا زندگيءَ جا 60 سال گڏ گذاريا. سندن محبت مثالي محبت هئي. . پاڻ وڏي چترڪار هئي. هن 28 مئي 1967ع تي وفات ڪئي. کيس پهرين ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو، بعد ۾ علامہ قاضي جي وفات تي، 14 اپريل 1968ع تي، علامہ صاحب سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. ٻنهي زال مڙس جون تربتون هڪٻئي جي ڀر ۾ واقع آهن. سندس خدمتن جي احترام ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس تي ايلسا قاضي ڪئمپس نالو رکيو ويو آهي.


لفظ ايلسا قاضيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.10.13  عيسوي

ايلسا قاضي: ايلسا گرٽ ، جنهن کي سنڌ ۾ ” مدر ايلسا “ چيو ويندو آهي ، سا جرمن نسل جي هڪ مشفق ۽ غريب پرور عورت هئي . سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل اسٽاٽ نالي هڪ ننڍڙي شهر ۾ ، 13 آڪٽوبر 1884ع تي ٿي .


1910.00.00  عيسوي

تنهن کانپوءِ 1910ع ۾ علامه صاحب ايلسا سان شادي ڪري پنهنجي محبت کي ازدواجي رشتي ۾ تبديل ڪيو .


1967.05.28  عيسوي

هن 28 مئي 1967ع تي وفات ڪئي ۽ ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي حدن اندر دفن ڪئي وئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عبدالعزيز قنڌاري
رميش هيرانند ڪرناڻي
ابدالي احمد شاھہ
فدا سرهيو
ڀليڏنو کٽي
ڀوڄ سنگهہ پهلاجاڻي
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
آمنہ حامد زبيدي
راڻو وساڻ
شير خواجہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون