
ايلي ڪاٽ علي گوهر
ايلي ڪاٽ علي گوهر: ايلي ڪاٽ علي گوهر جي والدہ انگريز دور ۾ ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ ميڊيڪل سپرنيٽڊيٽ هئي ۽ سندس پيءُ آرٿر سڊني ڪاٽ (Arthur Sydney Acott) حـيـدرآبـاد ۽ مـيـرپورخاص جو ڪليڪٽر هو. ايلي ڪاٽ جي والدہ جا منشي
محمد علي جي گهر واريءَ سان تمام سٺا تعلق هئا، هن کي اولاد نہ پئي ٿيو، هڪ ڀيري اشرف شاھہ جي پڙ مان ماتمي جلوس پئي آيو تہ هن ڊاڪٽرياڻيءَ سڀني کي دعا گهرندي ڏسي پاڻ بہ پنھنجي اولاد لاءِ دعا گهري، انهيءَ سال کيس پٽ ڄائو، جنهن کان پوءِ هي پاڻ ۽ پنھنجي پٽ ايلي ڪاٽ کي محرم جي ڏهاڙن ۾ ڪارا ڪپڙا پارائيندي هئي. اڳتي هلي انهيءَ ايلي ڪاٽ اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو علي گوهر ڪاٽ رکيائين. هي ايڪسائيز انسپيڪٽر آف سنڌ بہ رهيو. اشرف شاھہ جي پڙ، قدم گاھہ مولا علي ۽ ٻين هنڌن جتي بہ مجلس ٿيندي هئي تہ ايلي ڪاٽ پاڻ اتي وڃي شريڪ ٿيندو هو، اڪثر وقت اشرف شاھہ جي پڙ ۾ گذاريندو هو. هن اشرف شاھہ جي درگاھہ کي ٺهرايو ۽ اتان پاڻ ذوالجناح سينگاري ماتمي جلوس جو انتظام ڪندو هو ۽ نياز بہ ڪندو هو. هي نماز ۽ تھجد جو سخت پابند هوندو هو. جوانيءَ ۾ هڪ دفعو لنڊن ويو، جتي سندس پيءُ سندس شادي ڪرائي هئي، جنهن مان کيس ٻہ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد ٿيو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ هي حيدرآباد ۾ اچي رهائش پذير ٿيا. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ جڏهن سڀ انگريز آفيسر موٽي لنڊن ويا، تڏهن هن جي پيءُ ۽ زال بہ موٽي هلڻ لاءِ ضد ڪيو، آخرڪار هن جي انڪار بعد علي گوهر ڪاٽ جو پيءُ، زال ۽ ٻار کانئنس ناراض ٿي لنڊن هليا ويا.
علي گوهر ۽ سندس ماءُ هتي رهي پيا، علي گوهر جي والدہ جلد وفات ڪئي، جنهن کي حيدرآباد جي گورا قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان کان پوءِ علي گوهر اشرف شاھہ جي پڙ کي اچي وسايو ۽ عزاداريءَ ۽ ماتمي جلوس منعقد ڪرائيندو هو، هن جولاءِ 1970ع ۾ وفات ڪئي تہ کيس اشرف شاھہ جي درگاھہ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. اهو پڙ پاڪستان ٺھڻ کان وٺي هاڻي اشرف شاھہ جو پڙ نہ پر ’ايلي ڪاٽ جو پڙ‘ سڏبو اچي، اهو پڙ حيدرآباد جي پڪي قلعي جي صدر دروازي جي ڀر ۾ موجود آهي، جتي اڄ بہ عزاداريءَ جو سلسلو جاري آهي.
00.00.1970 عيسوي
ايلي ڪاٽ علي گوهر جولاءِ 1970ع ۾ وفات ڪئي