
پاٽينجر ايلڊرڊ
ايلڊرڊ پاٽينجر: ايلڊرڊ پاٽينجر، 12 آگسٽ 1811ع تي مائونٽ پاٽيجر جي گهر ۾ ڄائو. تعليم کان پوءِ فوجي نوڪريءَ سانگي بمبئيءَ جي توبخاني ۾ ڀرتي ٿي هندستان آيو. 1827ع ۾ پنھنجي چاچي هينري پاٽينجر جي مددگار جي حيثيت ۾ سنڌ جي سياسي معاملن لاءِ مکيہ عملدار (جاسوس) مقرر ٿيو. 1837ع ۾ کيس وچ اوڀر ڏانهن اُماڻيو ويو. ائين گهمندو ڦرندو پڇاڙيءَ ۾ ڪابل ۾ گهوڙن جو سوداگر ٿي آيو، پوءِ روحاني بزرگ (شعبدي باز) بڻجي، 1837ع جي آخر ۾ هرات ويو. انهيءَ زماني ۾ ايران جي قاچاري حڪمران (1837ع کان 1838ع) تائين هرات شھر کي گهيري ۾ آندو، پاٽنجر هن سموري عرصي ۾ شهرين جي مدد سان هرات جي بچاءَ لاءِ وڏا جتن ڪيا، ان ڪري هندستان جي انگريز حڪومت کيس هرات ۾ سياسي نمائندو مقرر ڪيو. 1841ع ۾ جڏهن پهرين افغان جنگ لڳي تہ پاٽنجر ڪابل جي اتر ڪوهستان ۾ هو. ڪابل جي ماڻهن جي بغاوت وقت اتان ڀڄي جند ڇڏايائين. انگريز لشڪر جي سربراهن جڏهن پاٽنجر جي صلاح جي ابتڙ افغان قوم پرستن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا تہ پاٽنجر ٽن ماڻهن سان گڏ وزير محمد اڪبر خان وٽ يرغمال ٿيو ۽ 9 مهينا نظربند رهيو. آخر سيپٽمبر 1842ع ڌاري جنرل پالڪ کيس اچي اتان ڇڏايو. 1842ع ۽ 1843ع ۾ هن کي هڪ جاچ ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن افغانستان ۾ هڪ معاهدي جي ڪوشش ۾ اڻويھہ لک روپيا خرچ ڪيا هئا، پر ان جاچ مان آزاد ٿي ويو، ان کانپوءِ هيءُ پنھنجي چاچي سان ملڻ لاءِ چين ويو ۽ 15 نومبر 1843ع تي هانگ ڪانگ ۾ وفات ڪيائين.
1811.08.12 عيسوي
ايلڊرڊ پاٽينجر، 12 آگسٽ 1811ع تي مائونٽ پاٽيجر جي گهر ۾ ڄائو.1811