ايمنسٽي انٽرنيشنل

ايمنسٽي انٽرنيشنل

ايمنسٽي انٽرنيشنل

ايمنسٽي انٽرنيشنل (Amnesty International ):ايمنسٽي انٽرنيشنل هڪ غير سرڪاري بين الاقوامي تنظيم (NGO) آهي، جيڪا انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۾ درج انساني حقن جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري ٿي. ايمنسٽي انٽرنيشنل مئي 1961ع ۾ هڪ برطانوي وڪيل پيئربيسن قائم ڪئي. هو هڪ ڏينهن اخبار پڙهي رهيو هو تہ ٻہ پور چوگنبز شاگردن کي ست سال ٻڌايل قيد جي سزا واري خبر هن کي پريشان ڪري ڇڏيو. انهن شاگردن جو ڏوھہ صرف اهو هو تہ هنن آزادي لاءِ رٿ پيش ڪئي، بيٽسن 02 مئي تي هڪ اخبار ۾ پنهنجو هڪ مضمون “The Forgottion Prisoner” ڇپايو، جنهن ۾ هن ۾ دنيا جي لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي اپيل ڪئي تہ هو قيدي شاگردن جي حق ۾ مضمون ڇپائين. مضمون جو رد عمل اهڙو تہ اثرائتو نڪتو، جو هڪ سال اندر ظلمن جي شڪار ماڻهن جي حق ۾ اهڙا گروپ هڪ درجن کان وڌيڪ ملڪن ۾ قائم ٿي ويا. ايمنسٽي انٽرنيشنل خاص ڪري ضمير جي قيدين جي آزاديءَ لاءِ مھم هلائيندي آهي ۽ ان ڳالھہ کي يقيني بڻائيندي آهي تہ سياسي قيدين خلاف داخل ڪيس جلدي ۽ منصفاڻي طريقي سان هلايا وڃن. هي تنظيم موت ۽ قيد دوران تشدد جي خلاف بہ ڪم ڪندي رهندي آهي، سياسي قتلن تي احتجاج ڪندي حڪومت ۽ مخالف گروپن هٿان انساني حقن جي خلاف ورزي خلاف بہ ڪم ڪندي آهي. بين الاقوامي معاملن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جا ڪيترا موقف تنقيد جوڳا بہ رهيا آهن. مثال طور هن تنظيم جو هڪ موقف خاص تنقيد جو نشانو بڻيو. اهو موقف هو تہ فلسطيني مهاجرين ۽ انهن جي خاندان کي پنھنجي وطن فلسطين واپس وڃڻ جو حق آهي. 1962ع کان وٺي دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هن طرح جا گروپ ڪم ڪري رهيا آهن، تنظيم ٺاهڻ جي شروعاتي سالن ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل پنھنجي توجھہ انساني حقن جي اقوام متحدہ جي چارٽر جي آرٽيڪل ۾ صرف ارڙهن ۽ اوڻيھہ نمبر رکيا. انهن آرٽيڪلن جو تعلق سياسي قيدين سان آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هن تنظيم انساني حقن جي خلاف ورزي جي مختلف ظلمن جو شڪار ٿيندڙن جي ڪم کي بہ پنھنجي مشن ۾ شامل ڪيو. صرف سال 2000ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل 3685 ماڻهن لاءِ ڪم ڪيو، ايمنسٽي هن ۾ قيدي صورتحال کي بهتر بنائڻ ۾ ڪافي ڪامياب ويئي. هن وقت ايمنسٽي انٽرنيشنل جا ساڍا ست هزار گروپ هڪ سئو ٻاهٺ ملڪن ۽ خطن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هن تنظيم جي ڪارڪنن جو تعداد هڪ ملين جي لڳ ڀڳ آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل پنھنجي قائم ٿيڻ کان وٺي سوين ملڪن ۾ 44600 کان وڌيڪ قيدين لاءِ ڪم ڪيو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل کي سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي حفاظت لاءِ ڪم ڪرڻ تي 1977ع ۾ نوبل ’امن‘ انعام ڏنو ويو.


لفظ ايمنسٽي انٽرنيشنلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو