ايم ڪمل

ايم ڪمل

ايم ڪمل

ايم ڪمل: سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري شاعر جو اصل نالو مولچند منگهارام بندراڻي آهي ، جيڪو تاريخ 8 آگسٽ 1925ع تي شھر ڪنڊياري تعلقي ۽ ضلعي نوابشاھہ ( موجودہ ضلعي نوشهري فيروز ) ۾ ڄائو . انٽر سائنس تائين پڙهيل آهي . سندس سڃاڻپ ليکڪ ، شاعر ۽ هدايتڪار جي حيثيت سان آهي . هيءُ هندستان ۾ هن وقت سنڌي زبان جي چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو . جديد غزل جو وڏو شاعر آهي . سندس شاعريءَ جا 15 ۽ ناٽڪن جا 7 ڪتاب ڇپيل آهن ، جن مان ڪي اهم هي آهن: ’ننڊ ۽ جاڳ ‘ ( شاعري: 1965ع ) ، ’جهريل جيءُ ‘ ( شاعري: 1971ع ) ، ’ڳرندڙ برف جا نقش ‘ ( شاعري: 1975ع ) ، ’ميونسپل ڪائونسلر ‘ ( ناٽڪ: 1979ع ) ، ’روشن راهون ڌنڌلا ماڳ ‘ ( شاعري: 1981ع ) ، ’غزل '>پنجاھہ غزل ‘ ( شاعري: 1983ع ) ، ’ماچيس ڪٿي آهي؟ ‘ ( ناٽڪ: 1985ع ) ، ’باھہ جا وارث ‘ ( شاعري: 1986ع ) ، ’ميرانجهڙو ٿڪ ‘ ( شاعري: 1988ع ) ، ’سوچ جا پاڇا ‘ ( شاعري: 1989ع ) ، ’اڃايل لھر ‘ ( شاعري: 1989ع ) ، ’ڪوسي رک ‘ ( شاعري: 1990ع ) ، ’خوشخبري ‘ ( ناٽڪ: 1990ع ) ، ’فريم ۾ مڙهيل شخص ‘ ( ناٽڪ 1991ع ) ، ’ميونسپل ڪائونسلر ‘ ( ايڪانيڪي ناٽڪن جا مجموعا ) ، ’سھميل شام ‘ ( شاعري: 1992ع ، ’سوجهرو شام جو ‘ ( شاعري: 1992ع ) ، ’ٻنهي پاسي باهيون ‘ ( شاعري: 1994ع ) ، ’من مڙي ئي نٿو ‘ ( شاعري: 1995ع ) ، ’آخري اڏام ‘ ( شاعري: 1997ع ) ، ’لڪل اوجاڳا ‘ ( شاعري: 1998ع ) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن . هدايتڪار طور ڪجهہ ايڪانڪي ناٽڪن ۾ بہ ڪم ڪيل اٿس . سندس ڪتاب ’باھہ جا وارث ‘ تي سال 1989ع لاءِ مرڪزي ساهتيہ اڪادمي طرفان انعام مليل آهي . هو 3 فيبروري 2010ع تي لاڏاڻو ڪري ويو .


لفظ ايم ڪملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.08.08  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري شاعر جو اصل نالو مولچند منگهارام بندراڻي آهي ، جيڪو تاريخ 8 آگسٽ 1925ع تي شهر ڪنڊياري تعلقي ۽ ضلعي نوابشاهه ( موجوده ضلعي نوشهري فيروز ) ۾ ڄائو .


2010.02.03  عيسوي

ايم ڪنول 3 فيبروري 2010ع تي لاڏاڻو ڪري ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي عبدالله ڊکڻ
لطف سيال
مخدوم محمد صالح سيوهاڻي
فتح فقير
صالح راڄپر وفا
چتر ڀڄ
پلي عبدالڪريم
ارباب علي مسافر شيخ
شاڪر شجاع آبادي
فقير فيض محمد فراقي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون