
ايم ڪيو ايم جو جهنڊو
ايم ڪيو ايم: (اڳوڻي مهاجر قومي موومينٽ ۽ هاڻي متحدہ قومي موومينٽ) پاڪستان جي هڪ سياسي پارٽي آهي، جنهن جو مکيہ حلقو ڪراچي ۽ حيدرآباد شھر آهن، جتي ورهاڱي کانپوءِ ڀارت کان لڏي آيل آبادي وڏي انگ ۾ رهندڙ آهي. بنيادي طور تي هيءَ جماعت 1947ع کان پوءِ ڀارت کان لڏي آيل ماڻهن جي نمائنده سياسي جماعت طور سڃاڻپ رکي ٿي. پر هاڻي ان جو دائرو وڌايو ويو آهي.
سڀ کان اڳ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (APMSO) نالي شاگردن جي هڪ تنظيم 11 جون 1978ع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪئي ويئي هئي، جنهن شاگرد جماعت اڳتي هلي 18 مار چ 1984ع تي ”مهاجر قومي موومينٽ“ نالي سياسي جماعت جي شڪل اختيار ڪئي.
26 جولاءِ 1997ع تي ايم ڪيو ايم هڪ اعلان ذريعي پنھنجي نالي مان ”مهاجر“ لفظ خارج ڪري، ان جي جاءِ تي ”متحدہ“ لفظ وڌو. هيءَ جماعت پاڻ کي غير مذهبي ۽ سيڪيولر لاڙن جي دعويدار سڏي ٿي. 1988ع کان پوءِ مختلف وقتن ۾ ٿيندڙ چونڊن (1988ع کان 2008ع تائين) هيءَ جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) سان اتحاديءَ طور حڪومت ۾ شامل رهي آهي. جنرل مشرف دور جي 2001ع وارين عام چونڊن کان وٺي اڄ سوڌو سنڌ جي گورنر جو عهدو ايم ڪيو ايم جي حمايت يافتہ شخص وٽ رهندو اچي ٿو.
متحدہ قومي موومينٽ جو سربراھہ الطاف حسين آهي، جنهن کي پارٽيءَ وارا عام طور ”قائد تحريڪ“ چوندا آهن. هو 1992ع ۾ ڪن سببن جي ڪري خود ساختہ جلاوطني اختيار ڪري لنڊن هليو ويو هو. جتي هن هڪ مڪمل سيڪريٽريٽ قائم ڪري پارٽيءَ جون جيئن واڳون سنڀاليون آهن تہ اڃا تائين (2009ع) اتان ئي پارٽيءَ کي هلائيندو رهي ٿو. پاڪستان اندر معاملا هلائڻ لاءِ هڪ رابطہ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي. هيءَ جماعت عام چونڊن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي شهرن مان اڪثريت ۾ سيٽون کٽندي رهي آهي. 1990ع واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ هن پارٽيءَ جو هڪ ڌڙو پارٽيءَ کان الڳ ٿي ويو ۽ ان آفاق احمد ۽ عامر خان جي اڳواڻيءَ ۾ ’ايم ڪيو ايم (حقيقي) جي نالي سان ڌار گروپ ٺاهيو. اهو باغي گروپ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم سان سياسي طريقي سان تضاد ۾ رهي ٿو. هن وقت متحدہ قومي موومينٽ پارٽي پيپلزپارٽيءَ سان گڏ مرڪز ۽ سنڌ جي حڪومت ۾ شامل آهي.
1978.06.11 عيسوي
آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ( APMSO ) نالي شاگردن جي هڪ تنظيم 11 جون 1978ع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪئي ويئي هئي ،
1984.03.18 عيسوي
شاگرد جماعت اڳتي هلي 18 مار چ 1984ع تي ” مهاجر قومي موومينٽ “ نالي سياسي جماعت جي شڪل اختيار ڪئي .
1997.07.26 عيسوي
26 جولاءِ 1997ع تي ايم ڪيو ايم هڪ اعلان ذريعي پنهنجي نالي مان ” مهاجر “ لفظ خارج ڪري ، ان جي جاءِ تي ” متحده “ لفظ وڌو .
1992.00.00 عيسوي
1992ع ۾ ڪن سببن جي ڪري خود ساخته جلاوطني اختيار ڪري لنڊن هليو ويو هو .