اينسٿيزيا :(Anaesthesia) ھيءُ لفظ ٻن حصن جو مرڪب آھي: “An” معنيٰ نه ۽ aesthesia معنيٰ محسوس ڪرڻ. يعني ”ڪو به درد محسوس نه ڪرڻ“. ھن علم کي Anaesthesiology ۽ ھن علم جي ماھر کي Anaesthetist چيو ويندو آھي. ھن عمل ۾ ڪم ايندڙ دوائن کي Anaesthetics چيو ويندو آھي. انسان جي ارتقا کان وٺي، بيماريون به گڏوگڏ پيدا ٿيون. ڪي بيماريون دوا سان ختم ٿيو وڃن، پر ڪي بيماريون صرف سرجريءَ ذريعي ختم ٿي سگهن ٿيون. الله تعاليٰ انسان کي حس (Sensitivity) عطا ڪئي آھي، تنھن ڪري ھو سور درد محسوس ڪري ٿو. اگر انسان جي حس کي عارضي طور ختم نه ڪيو وڃي ته ڪو به انسان جراحي/ سرجري نه ڪرائي سگهي. پراڻي زماني ۾ حڪيم ۽ جراح انسانن جا ھٿ پير ٻڌي، پوءِ ڪا ھلڪي ڦلڪي جراحي ڪندا ھئا ۽ اھو مريض لاءِ وڏي مصيبت کان گهٽ نه ھوندو ھو، ان ڪري جراحي/ سرجري ترقي نه ڪري سگهي. اڳتي ھلي انسان کي نشي آور ۽ سُن ڪرڻ وارين دوائن جو علم مليو. اڄ جيڪا جراحي/ سرجري ترقي ڪئي آھي اھا اينسٿيزيا جي ڪري آھي. اينسٿيزيا 19 صدي عيسوي کان 20 صدي عيسويءَ تائين وڏي ترقي ڪئي. اينسٿيزيا جا ڪافي قسم آھن پر عام طور تي ٽن طريقن سان مريض کي بي حس ۽ بيھوش ڪيو وڃي ٿو:
(1) جنرل اينسٿيزيا (General Anaesthesia): ھن ۾ مريض کي مڪمل بيھوش ۽ بي حس ڪيو وڃي ٿو، جنھن ۾ مريض کي بلڪل ڪا به خبر ۽ ھوش نٿو رھي. ھن ۾ مريض کي پھريان I.v. Drip لڳائي ان ۾ بيھوش ڪرڻ واري دوا ڏني ويندي آھي، جنھن سان ھو بيھوش ٿي ويندو آھي، ان بعد مُشڪن (Muscles) کي سڪون ڏيڻ جي سُئي ھنئي ويندي آھي، جيئن ساهه جي نالي (Trachea) ۾ ٽيوب وجهي سگهجي. ٽيوب وجهڻ بعد ٽيوب کي اينسٿيزيا مشين سان گڏايو ويندو آھي. مشين ۾ ويپورائزر (Vaporiser) ھوندا آھن جنھن ۾ نشي آور دوا ھوندي آھي، جنھن کي آڪسيجن ۽ نائيٽرس آڪسائيڊ گئسن ذريعي مريض جي ڦڦڙن تائين پھچايو ويندو آھي. اھي دوائون ڦڦڙن ۾ رت سان مِلي دماغ تائين پھچن ٿيون. اھڙي طرح آپريشن ختم ٿيڻ تائين نشي کي برقرار رکيو وڃي ٿو. نشي دوران مريض جي جسم سان مانيٽر مشين به لڳائي ويندي آھي، جنھن سان نبض جي رفتار (pulse)، بلڊ پريشر (B.P) ۽ رت جي اندر آڪسيجن جو مقدار ((02 Saturation ڏسندا رھندا آھن. نشي جو مقدار ۽ مريض جي حالت کي ڪنٽرول ڪرڻ اينسٿيزيا جي ماھر ڊاڪٽر جي ذميواري ھوندي آھي.
(2) اسپائينل اينسٿيزيا (Spinal Anaesthesia): ھن ۾ مريض جو ھيٺيون اڌ حصو لڳ ڀڳ دُن (Umbilicus) کان وٺي پيرن تائين سُن يا بي حس ڪيو ويندو آھي ۽ مريض مڪمل ھوش ۾ ھوندو آھي. ھن طريقي ۾ مريض جو ھيٺيون ڌڙ سُن ڪرڻ لاءِ مغزي ڏوري (Spinal Card) جي ٻاھران موجود پاڻي جنھن کي Cerebro spinal fluid چئبو آھي، ان ۾ سُن ڪرڻ واري سئي ھنئي ويندي آھي. ھن طريقي ذريعي ھيٺئين ڌڙ جا آپريشن دُن کان ھيٺ ويندي پيرن تائين آسانيءَ سان ٿي سگهن ٿا. عورت ۾ ٻار ڪڍڻ جو آپريش (سيزر C-Section) ۽ ٻچي دانيءَ جا ٻيا آپريشن، ان کان علاوه موڪا (Piles)، فشر (Fissure) ۽ فسچُولا (Fistula)، مثاني جي پٿري ۽ غدود (Prostate) جا آپريشن، ٽنگن ۽ پيرن جا آپريشن، ٽنگن جي ھڏين جا آپريشن Plating)۽ Nailing (سٺي نموني ٿي سگهن ٿا.
(3) لوڪل اينسٿيزيا (Local Anaesthesia): ھن ۾ جسم جي ڪنھن ننڍڙي حصي ۾ سئي لڳائي بي حس ڪيو ويندو آھي. ھي طريقو جسم جي صرف ٻاھرئين حصي جي ھلڪي ڦلڪي جراحي/ سرجريءَ لاء استعمال ٿيندو آھي. ھن ۾ مريض ھوش ۾ رھندو آھي. نشي ڏيڻ کان اڳ ۾ مريض جو طبي معائنو ڪيو ويندو آھي. بلڊ پريشر، بلڊ شوگر، يوريا، بلڊ ھيمو گلوبين ۽ چيسٽ ايڪسري وغيره ڏسي اينسٿيزيا جو ماھر ڊاڪٽر فيصلو ڪندو آھي، ته مريض آپريشن لائق آھي يا نه؟ مريض جو آپريشن کان گهٽ ۾ گهٽ چار ڪلاڪ اڳ کاڌو پيتو بند ڪيو ويندو آھي ته جيئن نشي جي دوران اُلٽي (Vomiting) نه ڪري.
نشي جا خراب اثر (Complications):
(1) Shock يعني بلڊ پريشر جو گهڻو گهٽجي وڃڻ
(2) Cardiac arrest يعني دل جو اچانڪ بند ٿي وڃڻ
(3) Pulmonary Oedema يعني ڦڦڙن جي سوڄ- ھي ان صورت ۾ ٿيندي آھي جڏھن معدي مان الٽيءَ ذريعي تيزاب (Hcl) ڦڦڙن ۾ ھليو وڃي. ڦڦڙن جي سوڄ خطري واري حالت ھوندي آھي، ھن ۾ رت جو رنگ ڪارو ٿي ويندو آھي. اھڙن مريضن کي I.C.U. ۾ Ventilator تي رکيو ويندو آھي. ٻيون به پيچيدگيون ٿي سگهن ٿيون اھڙين حالتن کان بچڻ لاءِ احتياط ڪيا ويندا آھن ۽ ھر وقت ھوشيار رھڻو پوندو آھي ۽ انھن جو فوري تدارڪ ڪرڻو پوندو آھي.