اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر: هيءُ اسڪول سکر شھر جو پهريون انگريزي اسڪول هو، جيڪو 60- 1859ع ڌاري ميونسپل هال ۾ کوليو ويو هو. ان ۾ پهريائين چئن درجن تائين تعليم ڏيڻ شروع ڪئي وئي. بعد ۾ ملٽري کاتي جي هڪ بلڊنگ ۾ ان اسڪول کي شفٽ ڪيو ويو، جتي ڇھن درجن تائين تعليم وڌائي وئي. 1911ع ڌاري ان اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. 1920ع ۾ اسڪول تي ”تلڪ هاءِ اسڪول“ نالو پيو ۽ بعد ۾ سکر جو وڏو اسڪول بڻيو، جنهن کي هاڻي ”گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر“ چيو ويندو آهي، جيڪو سکر ۾ منارا روڊ تي آهي. ان جي هڪ پاسي اوريئنٽل ڪاليج آهي تہ ٻئي طرف ٿورو پرڀرو معصوم شاھہ جو منارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر: هيءُ اسڪول سکر شهر جو پهريون انگريزي اسڪول هو ، جيڪو 60- 1859ع ڌاري ميونسپل هال ۾ کوليو ويو هو .


1911.00.00  عيسوي

اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر: 1911ع ڌاري ان اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو . 1920ع ۾ اسڪول تي ” تلڪ هاءِ اسڪول “ نالو پيو ۽ بعد ۾ سکر جو وڏو اسڪول بڻيو ،



درسگاھه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درازا جو مدرسو
غوثيه رضويه مدرسو
ٽلٽيءَ وارو مدرسو
خالد ميموريل بوائز اسڪول حيدرآباد
سينٽ ميريز هاءِ اسڪول سکر
آغا خان يونيورسٽي
سنڌي شعبو اوساڪا يونيورسٽي جپان
درسگاھہ ٽلٽي
عربيه انوار العلوم قاسميه مدرسو
سينٽ پالس هاءِ اسڪول ڪراچي
درسگاھه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون