ايوب آريسر

ايوب آريسر: محمد ايوب ولد محمد يوسف آريسر ويٺل هوندو آريسر، لڳ اڪڙي تعلقو سامارو، مارچ 1342ھہ/ 1924ع ۾ ڄائو. سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. هنديءَ جي پڻ ڄاڻ هيس، جنهنڪري ڀڄن ۽ شبد بہ چيائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل ”ڪافين“ جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون شامل آهن.


لفظ ايوب آريسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو