ايوب انصاري حضرت: ابو ايوب انصاري مشھور اصحابي ٿي گذريو آهي. سندس نالو ’خالد‘ هو. ’ابو ايوب‘ سندس ڪنيت هئي. سندس واسطو مديني جي قبيلي ’بنونجار‘ سان هو. حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مديني ۾ آيا تہ هر مسلمان جي اها آس هئي تہ پاڻ سڳورا انهن وٽ رهن. پاڻ سڳورن اهڙي صورتحال ڏسندي فيصلو ڪيو تہ جنهن گهر وٽ سندن ڏاچي (جنهن تي پاڻ سڳورا سوار هئا) اچي بيهندي، ان شخص وٽ رهائش اختيار ڪبي. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي سواري حضرت ابو ايوب انصاريءَ جي گهر وٽ اچي ويٺي ۽ پاڻ سڳورا سندن گهر ۾ ست مهينا رهيا. حضرت ابو ايوب انصاريءَ اسلام جي حرمت لاءِ ڪيئي جنگيون بہ وڙهيون، ان ڪري کيس انهن اصحابن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، جيڪي اصحابي هجڻ سان گڏ مجاهد پڻ هئا. 42ھہ/ 662ع ۾ قسطنطنيه ۾ وفات ڪيائين.