ايوب عليہ السلام

ايوب عليہ السلام: تعاليٰ جو نبي سڳورو، جنهن جو قرآن شريف ۾ 4 دفعا تذڪرو ٿيل آهي. بائيبل ۾ هن کي جاب JOB نالي سان سڏيو ويو آهي. حضرت ايوب عليہ السلام جو صبر نهايت مشھور آهي. قرآن پاڪ ۾ بہ حضرت ايوب کي صبر ڪرڻ وارو ۽ رجوع ڪرڻ وارو ۽ سٺو ٻانهو ڪري سڏيو ويو آهي. حضرت ايوب جي زندگيءَ جي حالتن جو گهڻو احوال بائيبل مان ئي ورتو ويو آهي. جڏهن تہ قرآن شريف جي مطالعي مان سندس زندگيءَ جي حالات متعلق صرف ايتري ڄاڻ ملي ٿي تہ پاڻ وڏو مالدار ۽ خوشحال هوندو هو. تعاليٰ آزمائش جي لاءِ سندس سڄي ملڪيت تباھہ ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ کيس بہ هڪ موذي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيائين. مطلب تہ حضرت ايوب عليہ السلام ڏاڍي مصيبت ۽ تڪليف ۾ اچي ڦاٿو، ان هوندي بہ صبر ۽ شڪر کي هٿان نہ ڇڏيائين ۽ رب پاڪ جي درٻار ۾ نهايت عاجزي ۽ انڪساريءَ سان دعائون گهرندو رهندو هو تہ کيس انهيءَ اذيت مان نجات ملي. نيٺ تعاليٰ سندس دعائون قبول ڪيون ۽ نہ رڳو سندس صحت بحال ٿي پر مال ۽ دولت، اولاد ۽ نوڪر چاڪر بہ قدرت الاهيءَ سان ٻيهر عطا ٿيس. بائيبل مطابق حضرت ايوب عليہ السلام جو زمانو هڪ هزار سال ق.م جو هو. جڏهن تہ ڪن مورخن وري 7 سئو ق.م جو زمانو ڄاڻايو آهي. مسلمان عالمن حضرت ايوب عليہ االسلام جي قصي کي مڪمل تفصيل سان پر ڪنهن حد تائين ذاتي خيالن سان پيش ڪيو آهي پر ان ڳالھہ تي سڀ متفق آهن تہ حضرت ايوب جو تعلق حضرت ابراهيم عليہ السلام جي خاندان سان هو. بائيبل ۾ تہ پوور صفحو ”سفر ايوب“ جي نالي سان موجود آهي، جنهن کي قديم شاعريءَ جو هڪ شاهڪار چئي سگهجي ٿو. توريت ۾ وري حضرت ايوب عليہ السلام کي عرب ڄاڻايل آهي ۽ سندس زال جو نالو رحمت ڄاڻايل آهي. جڏهن تہ ڪن محققن جو خيال آهي تہ حضرت ايوب عليہ السلام جي والده، حضرت لوط عليہ السلام جي ڌيءَ هئي. حضرت ايوب جو نسب زازح بن رعوائل بن عيسيٰ بن اسحاق عليہ السلام آهي.
حضرت ايوب نہ رڳو مالدار هو، پر حد درجي جو سخي پڻ هوندو هو. هو غريبن ۽ مسڪينن جي هر وقت مدد ڪندو رهندو هو ليڪن شيطان جي چرچ ۾ اچي ويو جنهنڪري تعاليٰ کيس آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو. اهڙيءَ سخت تڪليف واري وقت ۾ سندس وفادار زال هن سان ساٿ قائم رکيو. حضرت ايوب عليہ السلام صاحب رسالت هو. پاڻ حُران ۾ پنھنجي قوم وٽ دين جي تبليغ ڪيائين. بائيبل ۾ حضرت ايوب جو وطن عراق جو شھر بصرو ڄاڻايل آهي. ساڳئي نالي وارو هڪ ڳوٺ فلسطين ۾ بہ آهي. بهرحال تاريخ نويسن حضرت ايوب عليہ السلام جون 3 شاديون ڄاڻايون آهن، جن مان هڪ بيبي سڳوري، حضرت اسماعيل عليہ السلام جي نياڻي هئي. حضرت ايوب کي ڪافي اولاد هو. سندس عمر 140 سال هئي، سندس قبيلي مان اٺ طاقتور بادشاھہ ٿي گذريا آهن.


لفظ ايوب عليہ السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0700.00.00  هجري

السلام جو زمانو هڪ هزار سال ق . م جو هو . جڏهن ته ڪن مورخن وري 7 سئو ق . م جو زمانو ڄاڻايو آهي .



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏيول ديوي
ايڪادشي
اصحابي
اصحاب
ڀڳت پنٿي
جامع مسجد ابوبڪر ماڇي
اٿر ويد
تين سوره
تابِعينِ
ريفارميشن تحريڪ
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون