ايوب فقير: ايوب فقير ذات جو پٺاڻ هو. ڪوٽڙي شهر جي ڏاکڻي طرف بند سان لڳولڳ نانگو لائين ڳوٺ جي ڀرسان هڪ گهاٽي جهنگ ۾ اڪيلو رهندو هو، تنهنڪري ماڻهو انهيءَ هنڌ کي”ايوب فقير جي هڙهي“ چوندا هئا. جوانيءَ ۾ ايڪسائيز پوليس ۾ سپاهي هو. اها نوڪري ڇڏي، بس جو ڊرائيور ٿيو. ٿاڻي بولاخان وارو لڪ، جيڪو ان وقت ۾ انگريزن ڀڃي وچ مان رستو ٺاهيو، ان لڪ تان اهو پهريون ايوب فقير هو، جنهن بس هلائي هئي، ورنه اهڙو ٻيو ڪوبه قابل ڊرائيور ڪونه هو، جو ان لڪ مان ڪا بس چاڙهي بولاخان پهچي. آخر ۾ پاڻ حمالي ڪندو هو ۽ ان مان پيو پيٽ گذر ڪندو هو. جسم ۽ هڏ ڪاٺ مضبوط ۽ جواني به هيس. ايوب فقير کي هميشه مٿي تي رومال ويڙهيل هوندو هو. لنڊي قميص ۽ ڪڇو پائيندو هو. اها هئي سندس پوشاڪ. ڪوٽڙي شهر ۾ ڪنهن وقت ۾ ڪراچي هوٽل مشهور هئي، جنهن جو مالڪ سيٺ عبدالرحمان، اهل نظر ۽ اهل دل انسان هو، جنهن سان، ايوب فقير ڏاڍيون ڪچهريون ڪندو هو. آخري ڏينهن ۾ ماڻهن کيس ڏاڍو پريشان ڪيو، ۽ کيس جهوپڙيءَ مان زوريءَ اٿاري، سندس جهوپڙيءَ کي باهه ڏيئي ڇڏيائون. 65 ورهين جي ڄمار ۾ 1982ع ڌاري وفات ڪيائين.