ايوب فقير جو رسالو

ايوب فقير جو رسالو

ايوب فقير جو رسالو

ايوب فقير جو رسالو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري ڪلاسيڪل، صوفي شاعر ايوب فقير آريسر جي ڪلام تي مشتمل آهي، جنهن کي زوهيب آريسر ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ شامل ڪلام کي 29 عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾: نعت، ڀيروي، ڌناسري، جوڳ، بلاول لوڙائو، سسئي، راڻو، سارنگ، سورٺ، ڪلنگرو، پيلو، وهاڳڙو، مارو، ڪارايل، ٽوڙي حسيني، آسا، ڪانرو/ڪانرو ڀير، پرڀاتي، تلنگ، پهاڙي، مانجهي، ڪوهياري، شاھہ ڪلياڻ، ڪافيون، متضاد ڪافيون، سرائيڪي ڪافيون، وايون ۽ هندي ڀڄن شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي. ڪتاب جو مقدمو نامور محقق ۽ اديب علي نواز آريسر لکيو آهي، جڏهن تہ پبلشر نوٽ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ۽ نامور اديب غلام اڪبر لغاريءَ لکيو آهي. بئڪ ٽائيٽل تي ايوب فقير آريسر جو تعارف ڏنل آهي. سهيڙيندڙ پاران ڪتاب جي ارپنا ڪافيءَ جي نامور شاعر عبدالڪريم پليءَ کي ڪيل آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل عرفان علي ميمڻ جو ٺهيل آهي. 334 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ثقافت کاتي حڪومت سنڌ 2018ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو