ايوب کهڙو

ايوب کهڙو

ايوب کهڙو

ايوب کهڙو: سنڌ جو ناميارو سياستدان محمد ايوب کهڙو 14 آگسٽ 1901ع تي، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’عاقل‘ ۾ ڄائو. مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ سندس پيءُ شاھہ محمد کهڙي جي وفات کان پوءِ، تعليم اڌ ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي واپس ويو ۽ پوءِ جلد ئي سياست ۾ حصو ورتائين. 1923ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو رڪن مقرر ٿيو. 1928ع ۾ سندس ملاقات محمد علي جناح سان سکر ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ 1929ع ۾ ايوب کهڙو سائمن ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ يادداشت نامو پيش ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ، بمبئي پرڳڻي کان آزاد ٿي ۽ ايوب کهڙو 1937ع جي چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ ٺهندڙ وزارتن ۾ شامل رهيو.
1943ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر شھيد بخش سومري جي شهادت ٿي، جنهن جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. قيام پاڪستان کان پوءِ غلام حسين هدايت سنڌ جو پهريون گورنر ۽ ايوب کهڙو پهريون وزيراعليٰ ٿيو. ٻنهي ۾ اختلافن پيدا ٿيڻ کان پوءِ گورنر، کيس برطرف ڪري ڇڏيو ۽ پروڊا ائڪٽ هيٺ کيس سياست مان بيدخل ڪيو ويو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ وري سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو ۽ ون يونٽ قائم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ مغربي پاڪستان جي اسيمبليءَ جو رڪن رهيو، جڏهن تہ مرڪزي ڪابينا ۾ بچاءَ وارو وزير پڻ مقرر ٿيو. 1964ع جي چونڊن ۾ هن مادرِ ملت فاطمہ جناح جي ڪاميابيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. 1970ع ۾، چونڊن دوران لاڙڪاڻي واري سيٽ تي ذوالفقار علي ڀُٽي هٿان شڪست کاڌائين. ان کان پوءِ سياست کان ڪنارہ ڪش ٿي ويو ۽ 20 آڪٽوبر 1980ع تي وفات ڪيائين. محمد ايوب کهڙي ون يونت ٺهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس سٺن لفظن سان ياد نٿا ڪن، پر اُن کان اڳ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي جدا ٿيڻ خلاف آواز اٿارڻ، سنڌ جي ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي هندن خلاف فسادن دوران سختيءَ سان ڏوهارين تي قدم کڻڻ، سنڌي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن کي برداشت نہ ڪرڻ ۽ سندس ٻيا ڪجهہ اهڙا عمل، سندس سياست جي مثبت رخن تي بہ روشني وجهن ٿا. سندس نياڻي حميدہ کهڙو، سنڌ جي نامور مؤرخ ۽ سياستدان آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون وسارڻ جوڳيون نہ آهن. محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh” سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم دستاويز آهي. محترمہ حميدہ کهڙو، محمد ايوب کهڙي جي سياسي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ”ايوب کهڙي جي سياسي زندگي“ عنوان سان ترجمو ڇپجي چڪو آهي.


لفظ ايوب کهڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.08.14  عيسوي

ايوب کهڙو سنڌ جو ناميارو سياستدان محمد ايوب کهڙو 14 آگسٽ 1901ع تي ، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’ عاقل ‘ ۾ ڄائو .


1943.00.00  عيسوي

1943ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر شهيد الله بخش سومري جي شهادت ٿي ،


1980.10.20  عيسوي

ايوب کهڙو 20 آڪٽوبر 1980ع تي وفات ڪئي.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد علي اعواڻ
اعجاز علي شاھہ شيرازي
الھہ بخش سومرو شھيد
احمد علي خان جلباڻي
الطاف حسين
بينظير ڀٽو شھيد
بروهي جان محمد
انڙ غلام رسول
آفتاب شاھہ جيلاني
امام علي نازش ڪامريڊ
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون