ايٽ /اَئٽ
ايٽُ/ اَئٽُ: ائٽ سُٽ ڪٽڻ جي قديم گهريلو ڪَلَ آهي، جنھن جا لڳ ڀڳ سمورا عضوا/پرزا ڪاٺ مان ٺھيل ٿين ٿا. اڳتي هلي جيئن جيئن ترقي ٿي ۽ ضرورت محسوس ٿي، تيئن تيئن ڪي پرزا لوهه جا به استعمال ٿيڻ لڳا. ائٽ جو روايتي نمونو ڪجهه ان ريت آهي ته ان ۾ ڪاٺ جو هڪ وڏو چرخو ۽ ان کي ڦيرائڻ لاءِ هٿيو ٿئي ٿو. وڏو چرخو ڏوريءَ جي ذريعي هڪ ننڍي چرخيءَ سان ڳنڍيل ٿئي ٿو. جڏهن هٿئي سان وڏو چرخو ڦيرائبو ته ڏوريءَ جي وسيلي ننڍي چرخي تيزيءَ سان ڦِرڻ لڳندي. اها ننڍي چرخي سُٽ مان ڌاڳو تيار ڪندي آهي. هاڻي، صنعتي ترقيءَ کان پوءِ روايتي ائٽ ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي. هيءَ قديم ڪل نه رڳو سنڌ ۽ هند پر سڄي دنيا ۾ يورپ کان وچ اوڀر ۽ چين تائين استعمال ۾ رهي آهي. خيال آهي ته سڄي دنيا ۾ چرخي جي ابتدا سنڌو ماٿريءَ کان ٿي، ڇاڪاڻ جو هتي ڪپھه جي پوک ٿيندي هئي، ڪپھه مان ڪپڙو ٺھندو هو، جيڪو ’سنڌڻ‘ جي نالي سان مشھور هو. سنڌ جي ٺھيل ململ مصر ڏانھن ويندي هئي، جنھن مان مصر جي فرعون بادشاهن جو لباس ٺھندو هو. اهو به ثابت ٿيو آهي ته مصر جي اهرامن مان هٿ آيل مَميُن جو ڪفن پڻ سنڌ جي ململ مان ٺاهيندا هئا. اوڄي جي فن ۾ چرخو ڪتڻ ڪپڙي اڻڻ جو پھريون ڏاڪو هو. چرخي (ائٽ) جي چوٽين ۾ پيل لوهي سيخ کي ٽڪ چئبو آهي، جنھن تي سُٽ ڪتجي. ٽڪَ کي سرائي به چوندا آهن. اها اڌ فوٽ کن سرائيءَ کان ٿوري سنهي ٿيندي آهي. ٽڪَ جي هڪڙي چنھب ۾ ڪپھه جو پھو اٽڪائي، چرخي کي ڦيرو ڏبو ته سُٽ ٺھڻ شروع ٿيندو: پوءِ هڪ ٻئي پويان ڪپھه جا پھا ٽڪَ سان اٽڪائبا وڃبا ته سُٽ جي تند ٺھي ويندي. لطيف سائين جي هڪ بيت جي سٽ آهي ته: ”ٽڪَ وِنگِي وَرَ گهڻا، ڪتيان ڪڄاڙو؟“