
ايڇ ايم خواجه
ايڇ. ايم خواجہ: سنڌ جو ناميارو استاد ۽ تعليمد ان حاجي خان، مھر علي خواجه، 11 آڪٽوبر 1907ع تي سنڌ جي تاريخي شھر ملاڪاتيار ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ۽ ثانوي تعليم ٽنڊي باگي جي مير غلام محمد مدرسي مان ورتائين. مئٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان ڪيائين. 1932ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. ٽيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ۾ ملازمت ڪرڻ کان پوءِ خواجہ صاحب 1936ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول، نوابشاھہ جو هيڊماستر مقرر ٿيو. 1972ع تائين انهيءَ عهدي تي قائم رهيو. نوابشاھہ ضلعي ۾ تعليمي درسگاهون قائم ڪرڻ ۾ خواجہ صاحب جو وڏو هٿ آهي. پاڻ 1972ع کان پوءِ بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد جو چيئرمئن بہ ٿي رهيو. سيڪنڊري بورڊ جي جِمنازيم ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جون عمارتون سندس محنت جون يادگار آهن. خواجہ صاحب وڏو تعليمي ماهر ٿي گذريو آهي. هن جون تعليمي خدمتون سنڌ وساري نہ سگهندي. سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ سندس شاگرد آهن. 20 سيپٽمبر 1999ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.
1907.10.11 عيسوي
ايڇ ايم خواجه ، 11 آڪٽوبر 1907ع تي سنڌ جي تاريخي شهر ملاڪاتيار ۾ ڄائو
1999.09.20 عيسوي
ايڇ ايم خواجه 20 سيپٽمبر 1999ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي