ايڊورڊ سعيد

ايڊورڊ سعيد: ايڊورڊ سعيد يروشلم جي هڪ خوشحال عيسائي گهراڻي ۾ پهرين نومبر 1935ع تي جنم ورتو. ان وقت فلسطين برطانيا جي راڄ هيٺ هو. هي ابتدا ۾ يروشلم، قاهره ۾ رهيو ۽ پوءِ ننڍي عمر ۾ ئي وڃي آمريڪا ۾ رهيو ۽ اتي تعليم وٺڻ لڳو، هن گريجوئيشن ۽ ماسٽرس پرسٽن يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ورتي، جنهن دوران هن آرٽ، ادب ۽ ميوزڪ سان دلچسپي رکڻ سان گڏ فلسطيني سياست ۽ جدوجھد ۾عملي قدم وڌايو. هن پنھنجي آتم ڪهاڻي (Place out of) سميت ويهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن ۾ فلسطين جي تاريخ، موسيقي کان وٺي وچ اوڀر ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جھڙا موضوع شامل هئا، پر جنهن ڪتاب کيس سڀ کان وڌيڪ شھرت ڏني، اهو 1978ع ۾ شايع ٿيندڙ Orientatism، (مشترقيت) هو، هيءُ ڪتاب نيشنل بوڪ اوارڊ لاءِ بہ نامزد ٿيو، انکانسواءِ سندس ٻين اهم ڪتابن ۾ هيٺيان اهم آهن:
Culture and Representation of Imperialism
The End of the Peace Process
Power, Policitics and Culture Out if Place.
سندس ڪتاب دنيا جي 24 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪا آهن.ايڊورڊ سعيد ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب جو پروفيسر هو. کيس فڪري محاذ تي فلسطيني ڪيس جو سگهارو نمائندو ڄاتو وڃي ٿو. فلسطين جي آزاديءَ بابت قومي ڪائونسل جو نمائندو بہ رهيو آهي، پر جيئن ئي ياسر عرفات اوسلو هيٺ اسرائيل سان امن ٺاھہ ڪيو تہ هن نہ رڳو قومي ڪائونسل تان احتجاج طور استعيفا ڏني، پر اوسلو ٺاھہ کي هن غلاميءَ کان وڌيڪ بدتر ڄاڻايو. هن ”ڊان“ اخبار ۾ بہ ڪالم لکيا. ايڊورڊ سعيد اهڙو تاريخدان هو، جيڪو هڪ ئي وقت سنگيت ناٽڪ پيانو وڄائڻ جو ماهر هو، هو آمريڪا جي ساڄي ڌر لاءِ هڪ اهڙي نفرت آميز شخصيت رهيو، جنهن کي ڪجهہ نقادن (Terror Professor of ) (دهشت جو پروفيسر) جهڙي خطاب سان بہ نوازيو. ايڊورڊ 9 سيپٽمبر واري واقعي کان هڪ مهينو پوءِ مشھور آمريڪي پروفيسر ۽ نظريي دان سيموئل هنگٽن جي ٿيوري The Clash of Civilization (تهذيبن جو ٽڪراءُ) کي The Clash of Ignorance (جاهليت جي ٽڪراءُ) سان ڀيٽيو، ان واقعي کان فورن پوءِ آمريڪي اخبار The Nation ۾ West v/s East (اولھہ باقي دنيا) جي مقابلي ۾ سرد جنگ واري تصوير جي بنياد تي گڏيل ”تهذيبن جي ٽڪراءُ“ واري نظرئي جي هن چڱي نموني ڇنڊڇاڻ ڪئي. ايڊورڊ سعيد 25 سيپٽمبر 2003ع تي ڪينسر وگهي آمريڪا ۾ وفات ڪئي، سندس آخري ڪـتـاب (On Late Style) آهي، جيڪو سندس وفات کانپوءِ 2006ع ۾ ڇپيو.


لفظ ايڊورڊ سعيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.11.1935  عيسوي

ايڊورڊ سعيد يروشلم جي هڪ خوشحال عيسائي گهراڻي ۾ پهرين نومبر 1935ع تي جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوش مظفر حسين
پرويز هودڀائي
چانڊيو حاجي مراد خان
حسين حقاني
ارباب حاجي عبدالله
شمشير خان اوزبڪ
خليل بن بصري
رونجهو اميربخش
بولا خان جاکرو
شازيه پتافي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون