اي. آر ملڪ

اي. آر ملڪ

اي آرملڪ ڊاڪٽر

اي. آر. ملڪ، ڊاڪٽر: تعليمي ماهر، استاد ۽ محقق، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ، گهوٽڪيءَ ۾ 25 فيبروري 1941ع تي حاجي ڪريم بخش ملڪ جي گهر ۾ ڄائو. 1964ع ۾ بي. ايس سي ۽ 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس سي ڪرڻ بعد، ساڳي ئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ 1970ع ۾ سڊني يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب پڻ لکيا اٿس، جن ۾ ”دنيا جا قدرتي خطا“، ”بياباني ٻوٽا“، ۽ ”سامونڊي ٻوٽا“ مشهور آهن. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ڇپجي چڪا آهن. خيرپور ضلعي ۾ ”مينهن کان کجيءَ جي وڻن جي بچاءُ“ ۽ ”بياباني ٻوٽن جي مطالعي“ بابت ٻه وڏا تحقيقي ڪم سندس نگرانيءَ ۾ پورا ٿيا. جڏهن ته گهوٽڪيءَ ۾ سندس نگرانيءَ هيٺ ”ملڪ ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ“ طرفان ٻه ادارا ”اماره ماڊل هاءِ اسڪول“ ۽ ”اماره ايڊيوڪيشن ڪاليج“ قائم ڪيا ويا. پاڻ نئشنل بوڪ فائونڊيشن جو ڊائڪريٽر (79- 1973ع)، چيئرمئن مائڪرو بايولاجي (73-1972ع)، ڊائريڪٽر فئڪلٽي آف سائنسز، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ ٻين عهدن تي رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

  عيسوي


1941.02.25  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ ، گهوٽڪيءَ ۾ 25 فيبروري 1941ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهناز ڀٽي
دودو III
عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر
پريمي موهن لعل
سيد حامد نوبهار شاهه
پير محمد لکوي
بودلو سميجو
ڪمال خان چانگ
شاهه محمد صوفي
نکل آڏواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون