اي  آر ناگوري

اي آر ناگوري

اي آر ناگوري

اي. آر. ناگوري: اي. آر. ناگوري (عبدالرحيم ناگوري) 1938ع ۾ جهونا ڳڙھہ ۾ جنم وٺندڙ واحد چترڪار آهي، جنهن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي مصوريءَ جي جديد تقاضائن مطابق دنيا آڏو آندو. هو پنجاب يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس ڊپارٽمينٽ مان ماسٽرس ڪرڻ بعد اُتي ئي ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ٻين ڪيترن ئي جڳهن تي آرٽ جو استاد رهڻ بعد هن 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي مثالي وائيس چانسلر غلام مصطفيَ شاھہ جي اسرار تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽس شعبي جو بنياد وڌو. هو هن اداري جو سرگرم ۽ پهريون هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هو ۽ هن جي ڪوشش سان علي نواز ڦلپوٽو ۽ مسرت مرزا بعد ۾ هن شعبي جا استاد مقرر ٿيا. اِهو ناگوري صاحب جو سنڌ جي آرٽ جي سکيا وٺندڙن لاءِ هڪ ناقابل فراموش ڪارنامو رهندو تہ هن شعبي کي وڏي جاکوڙ ڪري جاري ڪرايو. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن فنون لطيفہ لاءِ سنڌ جي اُسرندڙ چترڪارن کي هن فن لاءِ هڪ اعليٰ درجي جي يونيورسٽي سطح جهڙي آرٽ جي اداري جي شديد ضرورت هئي.
هن وقت ناگوريءَ کي ملڪ جو سوشيو پوليٽيڪل آرٽسٽ مڃيو وڃي ٿو. گرنار جي پهاڙن تي هن جي ننڍپڻ جي پيرن جا نشان ڇڏيل آهن، جيڪا سر زمين صوفين بزرگن کان مشھور آهي. هن چترڪار پنھنجي شروعاتي دور جي منظر ڪشي، ڊيڪوريٽو،کليل، رنگن معرفت سان سينگاريل چترڪاريءَ جي موضوعن کي 1983ع ۾ الوداع ڪري پنھنجي فن کي هڪ نئون موڙ ڏنو. جنهن ۾ عالمي دهشتگردي هن انهن جي غربت مٿان باهوڙ، نسل ڪشي، وحشياڻي روين ۽ ٻين بين الاقوامي داداگيرين خلاف پنھنجي برش وسيلي رنگن سان مزاحمتي تاريخ لکي آهي. سنڌ لاءِ هن جون ٺاهيل پئنٽنگس، علامتي طور وڏيرا شاهي، حڪومت جي قاري قانون، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آهن. هو امن لاءِ جاکوڙ ڪندي ميگهواڙن، ڀيلن، ٿر ۾ بک اڃ ۾ پاھہ ٿيندڙ ماڻهن لاءِ ۽ سنڌ تي وقت جي سامراجي قوتن جي راتاهن خلاف پئٽنگس وسيلي اظهار ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1938  عيسوي

اي . آر . ناگوري ( عبدالرحيم ناگوري ) 1938ع ۾ جهونا ڳڙهه ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليمان راڄڙ خليفو
عبدالحميد خان ترين
حسين بخش ذاڪري سماع ڌڻي
سيد مير علي هراتي
بديع الجمال
چوڌري شجاعت حسين
بخش علي لاکو
پير احسان ﷲ شاھہ راشدي
جيسر نور محمد
سومر عطار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون