اي ايم قريشي

اي. ايم. قريشي: ڪراچيءَ جو مسلم ليگي رهنما. 1917ع ۾ ڪاٺياواڙ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائو. 12 سالن جي عمر ۾ محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪيائين. 1939ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جو ڪم شروع ڪيائين. آهستي آهستي سندس ڪاروبار ترقي ڪرڻ لڳو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ هن لڏي آيل بي يار و مددگار ماڻهن جي ڀرپور مدد ۽ خدمت ڪئي. هن اسلاميہ سائنس ڪاليج، اسلاميہ لا ڪاليج ۽ اسلاميہ ڪامرس ڪاليج الڳ الڳ قائم ڪيا. سندس تعليمي خدمتن جي پيش نظر صدر ايوب خان کيس ”سرسيد ثاني“ چوندو هو. 1948ع ۾ ڪراچي مسلم ليگ جو صدر چونڊيو. 1949ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ جو خزانچي ۽ 1954ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ بورڊ جو ميمبر ٿيو. 1956ع ۾ ڪراچيءَ مان اولھہ پاڪستان جي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 1962ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هن 23 جون 1989ع تي وفات ڪئي. ڪراچيءَ ۾ پنھنجي قائم ڪيل اسلاميہ ڪاليج ۾ دفن ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.00.00  عيسوي

اي ايم قريشي1917ع ڪاٺياواڙ ۾ ڄائو


1989.06.23  عيسوي

اي ايم قريشي 23 جون 1989ع تي وفات ڪئي



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد علي پتافي
اسفند يار ولي
آفتاب شاھہ جيلاني
اعجاز علي خان ٽالپر
آصف علي زرداري
آغا بدرالدين دراني
الطاف حسين
اياز لطيف پليجو
ايشور داس
اختر علي جي قاضي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون