اي جي چانڊيو

اي جي چانڊيو

اي جي چانڊيو

اي. جي. چانڊيو: اي جي چانڊيي جو پورو نالو اعجاز علي چانڊيو هو، هو 31 آڪٽوبر 1966ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ۽ بي. ايڊ، تائين تعليم حاصل ڪئي. هو کاٻي ڌر جي سوچ رکندڙ هو ۽ روزاني ”عبرت“ اخبار ۾ ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج هو. سٺو ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي هو. ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم، ڪهاڻيون، فيچر، رپورٽون ۽ ترجما ڇپيل اٿس. هن جا لکيل ڊراما اسٽيج ٿيا. اسٽريٽ ٿيٽر ۽ اسٽيج جي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. هن آخري ڀيرو حيدرآباد پريس ڪلب طرفان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ امر جليل سان ملهايل شام ۾ تقرير ڪئي ۽ امر جليل کان ڪيترائي سوال پڇيا، انهيءَ تقريب ۾ ڪچهري ڪندي هن کي دل جو دورو پيو ۽ اسپتال پهچڻ کان پهرين 27 مئي 2007ع تي گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.10.31  عيسوي

اي جي چانڊيو 31 آڪٽوبر 1966ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو


2007.05.27  عيسوي

اي جي چانڊيو دل جو دورو پوڻ سبب 27 مئي 2007ع تي گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مولانا جلال الدين ٺٽوي
ايڇ جي راورٽي
عبدالله سومرو عاصم
فاروق سولنگي
پير محمد هالائي
شيخ فاضل شاھہ قريشي
آڏواڻي رام ڪرشن ھيرانند راھي
ڀيمنداس منواڻي
رجب علي سومرو
توقير فاطمہ ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون