اَبر

اَبر: ابر فارسي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ميگهہ، برسات وارو پاڻي، وسندڙ مينهن، بادل يا ڪڪر وغيرہ. اصطلاحي زبان ۾: آسمان ۾ ڀريل ڪڪر کي ”ابر“ چئبو آهي.

لغوي لحاظ کان ”ابر“ ڪيترن ئي محاورن ۾ استعمال ٿئي ٿو. مثلاً: رحمت واري ڪڪر (مينهن) کي ”ابرِ رحمت“، بھار جي موسم ۾ وسندڙ ڪڪرن کي ”ابرِ بھار“، ٻاجهہ واري ڪڪر کي ”ابرِ ڪرم“، موتي پيدا ڪندڙ ڪڪرن کي ”ابرِ عليظ“، ڪاري وسندڙ ڪڪر (ڪارونڀار) کي ”ابر سياه“، عام وسڪاري (وسندڙ) واري ڪڪر کي ”ابرِ مطير“ ۽ ٻوڙان ٻوڙ (سمنڊ، تلاءَ ۽ ڍنڍون ڍورا بڻائيندڙ) ڪڪرن کي ”ابر مردہ“ نالن سان سڏبو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو