اَجن فقير ڏيرو

اَجن فقير ڏيرو: شاھہ لطيف جي ننڍپڻ جو ساٿي، جنهن سان شاھہ صاحب ننڍي هوندي رانديون ڪيون. اُن وقت شاھہ صاحب گنباٽ لڳ پنھنجي گهرواري ڳوٺڙي ۾ رهندو هو، جنهن جو دائرو گنباٽ واري جُوءِ تائين وسيع هو. شاھہ صاحب جي والدہ ’ڏيرا‘ ذات مان هئي. ان وقت لطيف سائينءَ جي اچ وڃ سندس والدہ جي ڀيڻ يعني سندس ماسيءَ ۽ ٻين عزيزن جي گهرن تائين ۽ گنباٽ واري تر ۾ ڏيرن فقيرن جي راڄن ڳوٺن ۾ ٿيندي هئي. اجن فقير ڏيرو وڏي هوندي سندس پيارو فقير ۽ حاضريءَ جو فقير بڻيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو