اَساس الفرائض

اَساس الفرائض (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ 1192ھہ/1778ع کان اڳ تصنيف ڪيو. هيءُ ڪتاب فوتيءَ جي ورثي ۽ ملڪيت کي سندس وارثن ۾ شرعي حڪمن مطابق ورهائڻ ۽ تعليم جي موضوع بابت آهي، جيڪو عام طرح گرهوڙي صاحب جي سنڌيءَ جي نالي سان مشھور ٿيو. ڪتاب جي تصنيف ڪرڻ جو مقصد تعليمي هو. گرهوڙي صاحب مکيہ موضوعن جھڙوڪ: ايمان، توحيد، رسالت وغيرہ کي پڻ منظوم سنڌيءَ ۾ سمجهايو ۽ سندس اهي نظم پڻ پوءِ ”اساس الفرائض“ سان گڏ گرهوڙي صاحب جي سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا. 1336 ھہ/1918ع ۾ هيءُ رسالو مخدوم عبدالله جي ”سڱ نامي“ ۽ ٻين چئن ڪتابن سان گڏ، مطبع ڪريمي، بمبئيءَ مان ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو