اَلطاف حسين سمون

اَلطاف حسين سمون

اَلطاف حسين سمون

اَلطاف حسين سمون: مشھور راڳي اَلطاف حسين، ولد اَرباب علي سمون پھرين جنوري 1971ع تي شھدادڪوٽ شھر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم کانپوءِ هن ڳائڻ جي شروعات 1985ع ۾ هڪ اِسٽيج آرٽسٽ طور ڪئي. استاد نواب علي شيخ ۽ محمد بخش ماڇيءَ کان راڳ جي سِکيا ورتائين. کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور تي پروڊيوسر جھانگير قريشيءَ متعارف ڪرايو، جنھن کانپوءِ سنڌ جي مختلف ريڊيو اِسٽيشنن تي سندس آواز ۾ 50 کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ٿيا. هن کي پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي پروڊيوسر قربان چنا متعارف ڪرايو. سندس خاندان پوءِ لاڙڪاڻي شھر ۾ منتقل ٿيو، جتي هن هڪ سنگيت سکيا گهر جو بُنياد پڻ رکيو. اَلطاف جي آواز ۾ هن وقت تائين 15 آڊيو ۽ 2 وڊيو اَلبم جاري ٿي چُڪا آهن. هن جي آواز ۾ ڳايل مشتاق بُخاريءَ جو غزل ”هاءِ ڪيڏو پري ويو آهين.“ ڪشش ٽي. ويءَ تي ڪافي مقبول ٿيو. سنڌ جي مختلف فنڪارن احمد مغل، نظير سمي، غلام علي سمي، عاشق نظاماڻيءَ، سليم رضا ڪنڀر، ماسٽر فتح علي ۽ ٻين جي ڳايل گيتن جون ڪيتريون ئي ڌنون الطاف سمي جون ڪمپوز ٿيل آهن. اَلطاف سمون ’آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان‘ لاڙڪاڻي جي ميوزڪ اِسڪول ۾ موسيقيءَ جا ڪلاس به وٺندو رهي ٿو. راڳيءَ سان گڏ هڪ نوحه خوان طور هن ڪيترن ئي نوحن جون ڌنون به ڪمپوز ڪيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.01  عيسوي

مشھور راڳي اَلطاف حسين، ولد اَرباب علي سمون پھرين جنوري 1971ع تي شھدادڪوٽ شھر ۾ پيدا ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان موتيهار
شهنيلا علي
پون ڪمار نانڪرام
اداسي الهبچايو زنئور
صادق فقير
خالد حسين پتافي
شفيع محمد جمن
شبير سخيراڻي
استاد محمد جمن
حيدر علي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون