اَنڌي جي ڪسي

اَنڌي جي ڪَسِي: هيءُ ڪجهہ وقت اڳي سنڌو درياھہ جو مشھور تَڙ يا پَتَڻُ هو. ڪوٽڙي تعلقي جي ٻُڍاپور ۽ انڙپور جي تَرَ جو مال هن تڙ تان ايندو ويندو هو. هيءُ ٻيڙين جي ميلُ ڪري بيهڻ وارو تڙ هو، جو هن هنڌ درياھہ جو ڇڇ هو، جتي لھر ماٺي رهندي هئي. پتڻ جي ٻنهي پاسن کان مالدار ماڻهو وڻن جي ڇانوَ ۾ کٽولا وجهيو ويٺا هوندا هئا. علائقي ۾ کير، ڏڌ ۽ مکڻ جام هوندو هو. شام جو کير جا ساڙها ڀرجي ايندا هئا، جن جي عيوض ملاح، چانور، بصر، مرچ ۽ ڪڻڪ، ڀاڳين کي ڏيندا هئا. پيدائش جي لحاظ کان سنڌو درياھہ جو هيءُ هڪ وڏو پتڻ ۽ بندر ليکبو هو.
درياھہ جي اُڀي کان وڏن بيراجن جي ٻڌجڻ ڪري اڄ جيئن سنڌو درياھہ جو، تيئن اُن جي هِن پتڻ جو اوج بہ باقي نہ بچيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو