اُس ۽ ڇانو

اُس ۽ ڇانوَ: ٻارن جي راند، هيءَ راند بہ ڇوڪريون جدا بہ ڪن، تہ ڇوڪرن سان گڏجي بہ کيڏن، ڏينهن جو شام جي مھل هوندي تہ اُس ۽ ڇانوَ راند ۾ ٻيئي ڪم آڻين، پر رات جو وري چانڊوڪي ۽ اونداهيءَ کي اُس ڇانوَ چون. هڪ ٻار آڳ ڏيندو. ٻيا ٻار اونداهيءَ ۾ بيهندا، جيڪو اُس ۾ آيو تہ ان کي ڊوڙي ڌڪ هڻي کاپائيندو، جيڪو کاتو سو وري آڳ ڏيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو