
اُلا عشق جا
اُلا عشق جا (ڪتاب): هيءُ نامور شاعر ۽ اديب انور ڏنگڙائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو غزل، وايون، گيت، نظم، بيت، ٽيڙو، نثري نظم جي صنفن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب ۽ براڊڪاسٽر عابد ڪاظميءَ لکيو آهي، جڏهن تہ بئڪ ٽائيٽل نئين ٽهيءَ جي ليکڪا خالده سحر لکيو آهي. ڊيمي سائيز، ڊسٽ ڪور سان هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. 144 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.