اُم الڪتاب: تفسير روح المعاني ۾ آهي تہ اُم الڪتاب مان مراد لوح محفوظ بہ آهي ۽ پڻ اُهي آيتون جيڪي مطلب ۽ وضاحت لاءِ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جون محتاج ناهن ۽ اهي پنھنجي جاءِ تي راسخ ۽ مستحڪم آهن (تن کي بہ اُم الڪتاب چيو وڃي ٿو). حضرت عبدالله بن عباس رضي ﷲ عنھ کان روايت آهي تہ قرآن مجيد شروع کان ويندي آخر تائين اُم الڪتاب آهي.