اُٻاوڙو اوٻاوڙو

اُٻاوڙو/اوٻاوڙو: سنڌ جو قديم شھر ۽ تعلقو، جيڪو اڳ ۾ سکر ۽ هن وقت گهوٽڪي ضلعي ۾ آهي. آبادي جي لحاظ کان گهوٽڪي ضلعي جو وڏو شھر ۽ تعلقي اُٻاوڙي جو صدر مقام بہ آهي. هيءُ شھر پاڪستان ريلوي جي مين لائين تي آباد آهي. جغرافيائي لحاظ کان سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي سرحد تي ۽ هندستان جي رياست جيسلمير جي ويجهو آهي. شھر جي چوڌاري ڍورا آهن. لفظ اوٻاوڙو فارسي لفظ ’آبرود‘ يعني ’پاڻي وارو ٻيٽ‘ مان نڪتل آهي، جيڪو آبرود مان ڦري ’ابارو‘ ۽ اٻاوڙو/اوٻاوڙو ٿيو. اُٻاوڙو 5 صديون اڳ جو پراڻو شھر آهي، جيڪو 902ھہ/1496ع ڌاري شيخ محمد جي وڏن آباد ڪيو. شيخ محمد هن شھر ۾ 960ھہ/1552ع ۾ هڪ مسجد پڻ جوڙائي هئي. ’قديم سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ ۾ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو تہ: 908ھہ/1502ع ۾ مرزا شاھہ حسن ارغون جي ڏينھن ۾ اُٻاوڙي جي پرڳڻي ۾ ڏهر ۽ ماڇي ماڻهن، ماٿيلي ۽ مَھر جي ماڻهن کي ڏاڍي تڪليف رسائي، تنھنڪري مير فاضل ڪوڪلتاش جو ننڍو پٽ، بابا احمد، لشڪر وٺي انھن تي ڪاهي ويو ۽ انهن کي ماري قيد ڪري، ڦُرلٽ ڪري موٽي آيو. رمضان 1171ھہ/ جون 1758ع ۾ ميان عطرخان ۽ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي وچ ۾ اٻاوڙي وٽ جنگ لڳي هئي. عطر خان سان احمد شاھہ درانيءَ جو لشڪر هو، جنھن جا سردار خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي ۽ مقصود فقير هئا. ميان غلام شاھہ جي لشڪر جو سردار مير بھرام ٽالپر هو. هن جنگ ۾ خان علياڻي'>بھادر خان علياڻي مارجي ويو ۽ سندس لشڪر ڀڄي ويو. جڏهن مدد خان پٺاڻ، ميان عبدالنبيءَ جي مدد ۾ آيو، تڏهن اٻاوڙي ۾ وڃي منزل ڪئي. اُٻاوڙو شھر مغل دؤر کان وٺي ٽالپر دؤر تائين پرڳڻي طور سڃاتو ويندو هو. انگريز دؤر کان وٺي هن وقت تائين هي شھر تعلقي جي حيثيت ۾ موجود آهي. شھر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري ۽ هاءِ اسڪول، ڪاليج، تعلقہ اسپتال، مارڪيٽ، ڪپھه جو ڪارخانو، کنڊ جو ڪارخانو ۽ ٻيا ادارا موجود آهن. شھر ۾ پلڻ امام بخاري جي مشھور ۽ قديم درگاھہ پڻ موجود آهي. ان کان علاوہ آڳاٽو ٽپال گهر بہ آهي. تعلقي ۾ 8 يونين ڪائونسلون ۽ 62 ديھون شامل آهن. شھر جي ڪل آبادي 353289 (2017ع) آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد تي سنڌ جو آخري سرحدي شھر ’ڪمون شھيد‘ بہ اوٻاوڙي ۾ آهي. شھر ۾ رهندڙ ذاتين ۾ چاچڙ، ڏهر، سمان، راجپوت، ماڇي، چاولا، انڍڙ، لُنڊ، پتافي ۽ ٻيا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو