اُکري

اُکِري: گهريلو استعمال جو هڪ ٿانءُ ، جيڪو ٺڪر جو بہ ٿئي تہ ڪاٺ ۽ پٿر مان بہ ٺھي ٿو . اُکريون ٻن ڪمن ۾ گهڻو استعمال ٿين ٿيون . هڪ ڪُٽڻ جي ڪم ۾ اچي تہ ٻي ڇَڙهڻ جي ڪم اچي ٿي . ڪاٺ يا پٿر جي ننڍي اُکري ، جيڪا عام طرح گول ٿئي . جنهن ۾ ٽن کان چئن انچن جو گولائيءَ ۾ قطر وارو چُڍو ( خال ) پڻ ٿئي ، سا مرچ مصالحي يا ويڳر وڙي ڪُٽڻ جي ڪتب اچي . ڇَڙھہ جي ڪم ۾ ايندڙ اُکريءَ جي بناوٽ ڪجهہ ٻيءَ طرح سان ٿئي ٿي ، يعني هيءَ مٿان وڏي ۽ هيٺ سوڙهي تري واري ٿئي ، جيڪا ٺِڪر جي بہ ٿيندي آهي تہ ڪاٺ جي بہ ٿئي . ان وڏي اُکريءَ ۾ هر قسم جي جنس ڇڙهبي آهي ، جھڙوڪ: چانور ، ثابت مڱ ، مُهر ، مَٽر ۽ چڻا وغيرہ . ڇَڙھہ جي ڪم ۾ ايندڙ اُکريون وڏيون بہ ٿين تہ اُچيون بہ ، جن ۾ ماڻهو بيهي بہ ڪا شيءِ ڇڙهي سگهي .


لفظ اُکريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو