اِبن خردازبه: سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله هو، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشھور ٿيو. 205ھہ/820ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ طبرستان جو حاڪم هو، هيءُ عباسي خليفي ’معتمد‘ جي زماني ۾ ڪيتري وقت تائين جبال واري علائقي (عراق و عجم) ۾ ٽپال ۽ وقائع نگاريءَ جي منصب تي فائز رهيو. انهيءَ زماني ۾ هن پنھنجي ڪتاب، ’جغرافيہ المسالڪ والممالڪ‘ کي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن کي مڪمل ڪندي کيس تقريباً 40 سال لڳا. مشھور اسلامي شهرن خاص ڪري عباسين جي سلطنت جي وچ ۾ جيڪي رستا آهن، تن جي متعلق هيءُ پهريون ڪتاب آهي. جيئن تہ پاڻ محڪمي جو عملدار هو، انهيءَ ڪري سندس ڪتاب جي معلومات نهايت پڪي ۽ قيمتي آهي. هن سن 300 ھہ/ 912ع ۾ وفات ڪئي.
0205.00.00 هجري
اِبن خردازبه: سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله هو ، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشهور ٿيو . 205هه/820ع ۾ ڄائو .
0820.00.00 عيسوي
اِبن خردازبه: سندس اصل نالو ابوالقاسم عبيدالله بن عبدالله هو ، پر پاڻ ابن خردازبه جي عرفيت سان مشهور ٿيو . 205هه/820ع ۾ ڄائو .
0300.00.00 هجري
اِبن خردازبه: هن سن 300 هه/ 912ع ۾ وفات ڪئي .
0912.00.00 عيسوي
اِبن خردازبه:هن سن 300 هه/ 912ع ۾ وفات ڪئي .