اندر ڀوڄواڻي
اِندر ڀوڄواڻي: اصل نالو اندر ديو ڄيٺانند ڀوڄواڻي، ۽ ادبي نالو”اندر ڀوڄواڻي“، سندس تعليم مئٽرڪ تائين هئي. 22 مارچ 1918ع تي ڳوٺ ٻيلي، تعلقي سجاول، ضلعي ڪراچيءَ (هاڻ ٺٽي) ۾ ڄائو. شاعر ۽ ليکڪ آهي، مضمون نويسي ۽ تنقيد سندس پسنديده موضوع آهن. ”پرهه باکون ڪڍيون“ (1963ع) ۽ ”بجليون ٿيون برسن“ (1970ع) سندس شاعريءَ جا ڇپيل ڪتاب آهن. ان کان سواءِ هڪ ٻيو ڪتاب ”تاثرات“ (1984ع) به ڇپيل اٿس. 1992ع ۾ وفات ڪري ويو .
1918.03.22 عيسوي
اندر ڀوڄواڻي 22 مارچ 1918ع تي سجاول ۾ ڄائو
1992.00.00 عيسوي
اندر ڀوڄواڻي 1992ع ۾ وفات ڪئي