
اٺون ماڻهو - ڪتاب
اٺون ماڻهو (ڪتاب ):هي ڪتاب، سنڌ جي نامياري ليکڪ سراج جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جن مان ٻہ ڪهاڻيون ”هڪ مڙدو، ٽي لاش“ 1964ع ۾ مهراڻ رسالي ۾ ڇپي هئي ۽ ٻي ڪهاڻي ”رت ورني رات“ 1967ع ۾ ”نئين زندگي“ ۾ ڇپي هئي. باقي پنج نيون ڪهاڻيون جيڪي سراج 1983ع کان 1985ع واري عرصي ۾ لکيون هيون. سي ايم. آر. ڊي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل آهن. انهن مان ٻہ ڪهاڻيون ”اٺون ماڻهو“ ۽ ”وڻ جو موت“ برسات رسالي ۾ ڇپيون هيون. جڏهن تہ ٽي ڪهاڻيون ”نچڻي“، ”ڪارونجهر جا مور“ ۽ مان جوئي آهيان سوئي آهيان“، ڪنهن بہ رسالي ۾ نہ ڇپيون هيون. سراج هنن ڪهاڻين تي ڪنهن تبصري کان پاسو ڪندي لکيو آهي تہ ”ڪهاڻين جي باري ۾ پاڻ ڪجهہ نہ چوندس، اڳ بہ ڪجهہ نہ چوندو هوس، جڏهن ڪهاڻين تي بحث ٿيا، تنقيدون ٿيون، تڏهن بہ ڪجهہ نہ چيم، سو هاڻي بہ پاڻ ڪجهہ نہ چوندس. ڀل تہ اسان جا پڙهندڙ ۽ نقاد انهن تي ڪجهہ چون ۽ لکن. آئون انهن مان آهيان جيڪي ڪجهہ لکي بہ اهو سوچيندا آهن تہ پنھنجي ٻوليءَ ۽ سنڌ جو قرض اڃا گهڻو باقي آهي. ان ڪري لکڻ اسان لاءِ ذهني فرض جي ادائگي آهي. جيسين جيئرو آهيان تيسين اها ادائگي ڪندو رهندس“.
ڪرائون سائيز جي 133 صفحن تي مشتمل ڪهاڻين جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو نومبر 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيو آهي ۽ ان جو انتساب سراج پنھنجي دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار امر جليل جي نالي ڪيو آهي.