اٺ ڏاڻ
اُٺَ ڏاڻُ: ملھہ جو هڪ داءُ، جنهن ۾ مخالف کي ٻنهي ٽنگن ۾ جانٺو لڳي، ان داءُ سان اڪثر ملھہ دسجي ويندا آهن. يعني راند هارائي ويهندا آهن، پر جيڪڏهن ملھہ مضبوط هوندو تہ ضروري نہ آهي تہ دسجي وڃي. ان داءُ جو نالو اُٺ کي ڏاوڻ ذريعي ڪيرائڻ واري اٽڪل تان ورتو ويو آهي.