اٻوجهو الھہ بخش

اٻوجهو، الھہ بخش: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر ۽ سماج سڌارڪ جنهن 1848ع ۾ جنم ورتو. هن جي ”مسدس اٻوجهو“ مولانا حاليءَ جي مشھور ”مسدس حالي“ جي طرز تي لکيل آهي. جنهن ۾ مسلمانن جي حالت جو نقشو چٽيو اٿس. هن سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليمي، سياسي ۽ سماجي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جي قيام لاءِ مرحوم حسن علي آفنديءَ سان گڏجي ڪوششون ڪيائين، اُتي فارسيءَ جو استاد بہ ٿي رهيو. ان زماني ۾ هن هفتيوار ”معاون“ اخبار بہ جاري ڪئي. سنڌي ڇوڪرين لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڌار انگريزي اسڪول قائم ڪرايائين. سندس هڪ نياڻي شاه بيبي ايم. اي ڪئي، تعليم جي شعبي سان وابستہ رهي ۽ سالن جا سال ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهندي هئي، سندس ٻي ڌيءَ بلقيس اسلام آباد ۾ تعليم واري وزارت ۾ آفيسر هئي ۽ اتان سنڌي خبرون پڙهندي هئي، سندس ٽين ڌيءَ گل بيبي اين. جي. وي اسڪول ڪراچيءَ جي پرنسپال رهي، اهڙيءَ طرح الھہ بخش اٻوجهو نہ صرف عام سنڌي مسلمانن لاءِ پر سنڌي نياڻين لاءِ تعليم جي ميدان ۾ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون. هي سنڌي ٻوليءَ ۾ قومي شاعريءَ جي بانين مان هو، جنهن ”مسدس حالي“ جي طرز تي سنڌيءَ ۾ ”مسدس اٻوجهو“ لکيو. هن 1901ع ۾ وفات ڪئي. سندس مسدس جو ڳچ حصو مسدس حاليءَ جو ترجمو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1848.00.00  عيسوي

اٻوجهو ، الهه بخش: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ۽ سماج سڌارڪ جنهن 1848ع ۾ جنم ورتو


1901.00.00  عيسوي

اٻوجهو الهه بخش، هن 1901ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرسرام ضياء
اوج علوي
حاجي عبدالله ڊکڻ
انورشاھہ
زبيدہ ميتلو
خليفو محمود نظاماڻي
ڀرتري هري
صفدر حسين ميرزا
ڪوي
صمد ساز رضوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون